اسلام آباد – 22 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري ??فاقي وزير چوڌري ??واد حسين چيو آهي ته مخالف ڌر فوج ۽ عدليه جي خلاف مهم هلائڻ بند ڪري، جڏهن به نواز شريف يا م??يم نواز جا ڪيس عدالتن ۾ هلڻ شروع ٿين ٿا ته ڪا ليڪ سامهون اچي وڃي ٿي يا وڊيو، نه ٿيون اچن ته رسيدون سامهون نه ٿيون اچن جن جو پوري ??وم کي انتظار آهي، عدالتن انهن کي ڪيترائي موقعا ڏنا، ثبوت هجن ها ته اهي پيش ڪن ها، نواز شريف ۽ آصف علي زرداري جي ڪرپشن جي هر ٻار کي خبر آهي، پاڪستان جي آئين ۾ ٻنهي ادارن کي تحفظ حاصل آهي، اي وي ايم ۽ اوورسيز پاڪستانين کي ووٽنگ جو حق ڏيڻ جي حوالي سان قانون بڻجي چڪو آهي، اليڪشن ڪميشن اي وي ايم جي ذريعي شفاف چونڊون ڪرائڻ جي لاءِ پنهنجي ذميواري ادا ڪري، آءِ ايم ايف پروگرام منظور ٿي چڪو آهي، پاڪستاني معيشت کي استحڪام مليو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. اطلاعات واري ??فاقي وزير چيو ته جڏهن به نواز شريف يا م??يم نواز جا ڪيس عدالتن ۾ هلڻ شروع ٿين ٿا ته ڪا ليڪ يا وڊيو ته سامهون اچي وڃي ٿي پر رسيدون سامهون نه ٿيون اچن جن جو پوري ??وم انتظار ڪري رهي آهي. هن چيو ته پاناما اسڪينڊل ۾ دنيا ??ي بدترين حڪمرانن جا نالا آيا، نواز شيف جو نالو به انهن ۾ شامل هو. شريف خاندان لنڊن اپارٽمينٽس جي حوالي سان غلط بياني سان ڪم ورتو، لنڊن ۾ انهن جا چار اپارٽمينٽس موجود آهن جتي شايد برطانيا ??و وزيراعظم به اپارٽمينٽس نه خريد ڪري سگهي، م??يم نواز ان وقت چيو هو ته منهنجي لنڊن ته ڇا پاڪستان ۾ به ڪا جائيداد نه آهي، هن ڪيلبري ??ونٽ جا جعلي دستاويز پيش ڪيا. اطلاعات واري ??فاقي وزير چيو ته انهن فليٽن جي جاچ ۾ اهي پارليامينٽ، سپ??يم ڪورٽ، عوام، ميڊيا، ٽرائل ڪورٽ ۾ هڪ صحيح ٿبوت به پيش نه ڪري سگهيا، عدالتن انهن کي ڪيترائي موقعا ڏنا پر انهن وٽ ثبوت هجن ها ته اهي پيش ڪن ها، انهي دوران عمران خان 40 سال پراڻيون رسيدون عدالت ۾ پيش ڪيون. هن يچو ته نيب آرڊيننس جي سيڪشن 9 ۾ لکيل آهي ته جيڪڏهن ڪير پنهنجي ملڪيت ثابت نه ڪري سگهي ته اها ڪرپٽ پريڪٽس آهي. چوڌري ??واد حسين چيو ته نواز ش ريف ۽ آصف علي زرداري جي ڪرپشن جي ٻار کي خبر آهي. اطلاعات واري ??فاقي وزير چيو ته اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين ۽ اوورسيز پاڪستانين کي ووٽنگ جو حق ڏيڻ جي حوالي سان قانون موجود آهي، اليڪشن ڪميشن اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي ذريعي شفاف چونڊن جي لاءِ پنهنجي ذميواري ادا ڪري. اطلاعات واري ??فاقي وزير چيو ته وزيراعظم گهرو وزير کي پاسپورٽ ٺاهڻ بابت معاملن کي آسان بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي ته جيئن اوورسيز پاڪستانين کي ووٽنگ جي حوالي سان مسئلا پيش نه اچن. هن چيو ته آءِ ايم ايف جو پروگرام منظور ٿي ويو آهي، پاڪستاني معيشت کي استحڪام مليو آهي، سٺيون خبرون به اچي رهيون آهن، پارليامينٽ اي وي ايم ۽ اوورسيز پاڪستانين کي ووٽنگ جو حق ڏيڻ جي حوالي سان بل منظور ڪري ??رتا آهن. اطلاعات واري ??فاقي وزير چيو ته مخالف ڌر عدليه ۽ فوج جي خلاف مهم بند ڪري، اسان جي آئين ۾ انهن ٻنهي ادارن کي تحفظ ۽ احترام حاصل آهي، مخالف ڌر پنهنجي سوشل ميڊيا ۽ ڪڏهن پنهنجي ليڊرن جي ذريعي ٻنهي ادارن کي نشاني تي رکيو آهي جيڪو غيرمناسب آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري ??فاقي وزير چيو ته اقتصادي معاملن واري ??فاقي وزير عمر ايوب ميريٽ هوٽل اسلام آباد ۾ م??يم نواز جي پروگرام جي فنڊنگ بابت اسٽيٽ بئنڪ کي خط لکيو آهي، جهڙي طريقي سان ان پروگرام جي فنڊنگ ٿي ان تي ٺوس جاچ شروع ڪئي وئي آهي، ايف آءِ اي به پنهنجي رپورٽ ٺاهيندي، قانون موجب ان تي ڪارروائي ٿيندي.