اسلام آباد – 19 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان افغانستان جي ڪمزور آبادي کي انساني بنيادن تي امداد جي فراهمي ۽ عالمي برادري پ??را?? معاشي شموليت جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 17 هين غيرمعمولي اجلاس جي موقعي تي او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل حسين ابراهيم طحيٰ سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پ??را?? جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل جي پاڪستان جي پهرين دوري تي سندس آجيان ڪئي ۽ او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي غيرمعمولي اجلاس ۾ سندس شرڪت تي ٿورا مڃيا. هن افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ او آءِ سي جي ڪوششن کي س??را??يو. هن افغانستان جي ڪمزور آبادي کي انساني بنيادن تي امداد جي فراهمي ۽ عالمي برادري پ??را?? معاشي ڳالهين جي ضرورت جي اهميت کي ??جا??ر ڪيو. وزيراعظم سڄي د??يا ۾ مسلمانن کي در??يش اسلامو فوبيا جي چئلينج کي پڻ ??جا??ر ڪيو. هن تجويز ڏني ته او آءِ سي سڄي د??يا جي ماڻهن کي حضرت محمد ﷺ سان مسلمانن جي محبت ۽ عقيدت مندي کان آگاهي جي لاءِ قيادت ڪري. وزيراعظم ڀارت جي غيرقانو??ي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين تي گهري ڳڻتي ظاهر ڪئي. او آءِ سي پ??را?? ڪشميرين جي ڀرپور حمايت کي س??را??يندي هن او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل کي درخواست ڪئي ته هو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي حل جي حمايت جاري رکي. او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل افغان عوام کي در??يش انساني بحران کي منهن ڏيڻ جي لاءِ وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جو غيرمعمولي اجلاس گهرائڻ تي ٿورا مڃيا. هن پاڪستان ۾ پنهنجي قيام دوران ڀرپور ميزباني تي پاڪستان ۽ ان جي عوام جا پڻ ٿورا مڃيا.