اسلام آباد – 27 جنوري (اي پي پي) سينيٽ جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر فيصل جاويد چيو آهي ته آزادي صحافت تي ڪنهن قسم جو پابندي نه لڳڻ گهرجي، صحافين جي تحفظ جي بل ۾ ميڊيا ورڪرز جي تعريف ۾ ڪئميرا مين ۽ ڊرائيورز کي به شامل ڪرڻ گهرج??، اليڪٽرانڪ ميڊيا جي ورڪرز جي تحفظ لاءِ قدم کڻڻ لاءِ تيار آهيون. اها ڳالهه هن سينيٽ جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. اجلاس ۾ سينيٽر سليم مانڊوي والا، سينيٽر عرفان صديقي سميت ٻين ميمبرن شرڪت ڪئي، ڪميٽي جي اجلاس ۾ صحافين جي تحفظ جي بل تي غور ڪيو ويو، اجلاس ۾ ڳا??ها??يندي سينيٽر فيصل جاويد چيو ته اسان پهرين به اهڙو بل آڻي چڪا آهيون جنهن جو مقصد صحافين جي شڪايت جي ازالي لاءِ هڪ پليٽ فارم مهيا ڪرڻ هو، ه?? چيو ته صحافتي تنظيمن کي ڪميٽي جي اجلاس ۾ گهرايو ويندو، ه?? چيو ته حڪومت سمورن صحافين ۽ عام ماڻهن کي صحت ڪارڊز جي ذريعي مفت علاج جي سهولت فراهم ڪري رهي آه??، اسان سنڌ ۾ به صحت ڪارڊ جي سهولت فراهم ڪرڻ چاهيون ??ا، ه?? چيو ته ڪميٽي پهرين ئي تجويز ڏئي چڪي آهي ته موجوده قانونن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ گهرج??، اسان ميڊيا يونينز ۽ جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي کي گڏجاڻي لاءِ گهرائينداسين، ه?? چيو ته اليڪٽرانڪ ميڊيا ورڪز جي تحفظ جي لاءِ قدم کڻڻ لاءِ تيار آهيون، سينيٽر فيصل جاويد چيو ته حڪومتي کاتن طرفان جيڪي به ادائيگيون ??يڊيا کي اشتهارن جي مد ۾ ٿيڻون آهن، ان جا تفصيل فراهم ڪيا وڃن، ڪميٽي جي چيئرمي?? چيو ته ميڊيا مالڪن ايترو منافعو ڪمائي رهيا آهن ته ميڊيا ورڪرز جون ??گهارون به وڌڻ گهرجن، هن اجلاس کي ٻڌايو ته پي ٽي وي اسپورٽس کي ايڇ ڊي ڪيو ويو آه??، اجلاس ۾ ڳا??ها??يندي سينيٽر عرفان صديقي چيو ته اسان کي صحافين لاءِ فائديمند ميڪنزم ب??ائڻ جي ضرورت آهي، سينيٽر سليم مانڊوي والا چيو ته اسان چاهيون ??ا ته ان ترميم جي ذريعي جيڪا به ڪميشن ٺهي ان کي بااختيار ڪيو وڃي، ه?? چيو ته ميڊيا ورڪرز جي ڀلائي ۽ بهتري جو خيال رکڻ گهرجي.