اسلام آباد – 11 – مارچ (اي پي پي) ڀار??ي ناظم الامور کي پرڏيهي آفيس طلب ڪري ڀارت کان ايندڙ ”سپر سونڪ فلائنگ آبجيڪٽ“ جي پاڪستاني فضائي حدن جي هروڀرو خلاف ورزي تي شديد احتجاج ڪيو ويو، فلائنگ آبجيڪٽ 9 مارچ تي پاڪستاني وقت موجب 6 لڳي 43 منٽن تي ڀارتي علائقي ”سورت ڳڙهه“ کان پاڪستاني حدن ۾ داخل ٿيو ۽ تقريبن 6 لڳي 50 منٽن تي پاڪستان ۾ ميان چنو شهر جي ويجهو زمين تي ڪريو، جنهن سان شهري ملڪيتن کي نقصان پهتو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب ڀارتي سفارتڪار کي آگاهه ڪيو ويو ته فلائنگ آبجيڪٽ سان نه رڳو شهري ملڪيتن کي نقصان پهتو پر ان زمين تي انساني جانين کي به خطري ۾ وجهي ڇڏيو، ان کانسواءِ فلائنگ آبجيڪٽ پاڪستاني فصائي حدن ۾ ڪيترن ئي ملڪي ۽ عالمي اڏامن لاءِ به سنگين خطري جو باعث ب??يو آهي، ان جي نتيجي ۾ هوابازي جي سنگين حادثي سان گڏوگڏ شهري فوتگيون به ٿي سگهيون پئي، ڀار??ي ناظم الامور کي ٻڌايو ويو ته هو ڀارتي حڪومت کي پاڪستاني فضائي حدن جي ان کلي خلاف ورزي جي سخت مذمت کان آگاهه ڪري جيڪا عالمي اصولن ۽ ايوي ايشن سيفٽي پروٽوڪول جي خلاف ورزي آهي. ترجمان چيو ته ان طرح جا غير ذميداڻا واقعا فضائي سيفٽي کي نظر انداز ڪرڻ ۽ علائقائي امن ۽ استحڪام کي خطرن ۾ وجهڻ بابت ڀارتي روين جا به عڪاس آهن. پاڪستان ان واقعي جي مڪمل ۽ شفاف تحقيقات ۽ ان جا ??تيجا ??اڪستان سان شيئر ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي ۽ ڀارتي حڪومت کي خب??دار ڪيو وڃي ٿو ته هو ان طرح جي غفلت جي ناخوشگوار نتيجن کي ذهن ۾ رکي ۽ مستقبل ۾ اهڙين خلاف ورزين کان بچڻ لاءِ موثر قدم کڻي.