لاهور – 10 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو پوري پنجاب ۾ ترقياتي منصوبا شروع ڪيا ويا آهن. هن اهڙن خيالن جو اظهار صوبائي وزيرن سردار آ??ف نڪئي ۽ سيد صمصام بخاري سان ملاقات ۾ ڳالهائيندي ڪيو. هن ملاقات ۾ ص??بي جي سياسي صورتحال ۽ لاڳاپيل وزارتن جي جاري ترقياتي منصوبن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، وزيراعظم چيو ته ماضي ۾ پنجاب جو سڄو ترقياتي بجيٽ مخصوص شهرن تائين محدود رکيو ويندو هو، هن چيو ته پوئتي پ??ل ۽ ماضي ۾ نظرانداز ڪيل شهرن جي ترقي حڪومت جي ا??لين ترجيحن ۾ شامل آهي.