اسلام آباد – 18 – مارچ (اي ??ي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته آئُون موسم خراب هجڻ جي ڪري ڪرم ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي ٿيندڙ جلسي ۾ شريڪ نه ٿي سگهيس، آئُون ??لد موقعو ملڻ تي ڪرم جو دورو ڪندس. ڪرم ۾ عام جلسي ۾ موسم جي خرابي سبب دورو ملتوي ڪرڻ کانپوءِ جاري ڪيل وڊيو پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته آئُون ڪرم جي ماڻهن کان معذرت چاهيان ٿو، آئُون هيلي ڪاپٽر ۾ سوار ٿي چڪو هئس پر اسان جي پائليٽ ٻڌايو ته موسم اهڙي ??هي جو هيلي ڪاپٽر اتي وڃي نٿو سگهي، جابلو علائقو آهي ۽ تيز هوا به هلي رهي آهي، ان لاءِ هيلي ڪاپٽر نٿو وڃي ??گهي، ان لاءِ آئون ??و??ان کان معذرت خواه آهيان ته آئون ??لسي ۾ شريڪ نه ٿي سگهيس پر آئون ??و??ان کي چوڻ چاهيان ٿو ته تو??ان کي بلدياتي چونڊن ۾ ڀرپور شرڪت ڪرڻي آهي، مون کي جڏهن به موقعو مليو ته آئون ??و??ان وٽ ايندس ۽ تو??ان سان ڳالهيون ڪندس.