اسلام آباد – 29 – مارچ (اي پي پي) منصوبابندي، ترقي، سڌارن ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته ڪجهه ما??هن کي اعتراض آهي ته وزيراعظم ”ڌمڪي آميز خط“ کين نه ڏيکاريو، ان لاءِ وزيراعظم اهو خط سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪرڻ لاءِ تيار آ??ي، ان ۾ صاف لفظن ۾ لکيو ويو آهي ته جيڪڏهن بي اعتمادي رٿ ڪامياب نٿي ٿئي ۽ عمران خان وزيراعظم رهي ٿو ته ان جي نتيجا خطرناڪ هوندا، وزيراعظم عمران خان جي مقبوليت جي ڪري ٻاهريان عنصر ڊنل آهن، خط ۾ مرڪزي ڪردار نواز شريف آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو، هن چيو ته وزيراعظم پنهنجي جلسي ۾ هڪ خط جو ذڪر ڪيو هو جنهن ۾ هن چيو هو ته بي اعتمادي رٿ ۾ ٻاهريان هٿ شامل آهن، اسد عمر چيو ته ڪجهه ما??هو چئي رهيا آهن ته اسان کي خط ڇو نه ڏيکاريو پيو وڃي، ڪجهه راز قومي نوعيت جا هوندا آهن، وزيراعظم مون کي چيو ته جيڪڏهن ڪنهن کي شڪ آهي ته اسان اهو خط سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس کي ڏيکارڻ لاءِ تيار آ??يون، ان تي سڀني کي اعتماد آهي، هن چيو ته مون کي اجازت نه آهي ته ان خط ۾ لکيل لفظ ٻڌائي سگهان پر اهم ڳالهيون ورجايان ٿو، اهو حصو جيڪو بي اعتمادي سان جڙيل آهي ان جون اهم ڳالهيون ڇا آهن، هن چيو ته ان خط جي تاريخ بي اعتمادي رٿ پيش ٿيڻ کان اڳ جي آهي، اها اهم ان لاءِ آهي ته ان خط ۾ سڌو سنئون بي اعتمادي رٿ جو ذڪر آ??ي، ان کان به وڌيڪ اهم ڳالهه اها آهي ته ان ۾ صاف لظن ۾ لکيو ويو آهي ته جيڪڏهن بي اعتمادي رٿ ڪامياب نه ٿي ۽ عمران خان وزيراعظم رهي ٿو ته ان جا نتيجا خطرناڪ هوند??. ه?? چيو ته وزيراعظم جي مقبوليت جي ڪري ٻاهريان عنصر ڊنل آهن، خط ۾ مرڪزي ڪردار نواز شريف آهي، پي ڊي ايم ظاهر آ??ي ان ڳالهه کان لاعلم نه آهي، هن چيو ته 27 مارچ جي جلسي ۾ لکين ما??هو پهتا، امربالمعروف جلسي ۾ نظر آ??و قوم وزيراعظم عمران خان سان گڏ بيٺل آهي، هن چيو ته خط ۾ ڪيل ڳالهيون پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي سان جڙيل آهن، ٻاهريان هٿ ۽ بي اعتمادي رٿ پاڻ ۾ جڙيل آهن، نواز شريف جون ملاقاتون وزيراعظم جي خلاف بي اعتمادي رٿ جو حصو آهن، پي ڊي ايم جي سينئر قيادت ان ڳالهه کان بي خبر نه آهي، خط جو سڌو سنئون تعلق عوام سان به آهي، اسد عمر چيو ته وزيراعظم عمران خان عوام کي آگاهه ڪرڻ ضروري سمجهي ٿو، مخالف ڌر جي ڪجهه ما??هن کي خبر نه آهي ته بي اعتمادي رٿ جي پويان ڪير آ??ي، اهي ما??هو لاعلمي جي ڪري ان سازش جو حصو آهن، هن چيو ته اسيمبلي ??ا سمورا چونڊيل ميمبر محبت وطن آهن، مخالف ڌر پاران نواز شريف کلي عام ٻاهرين قوتن جو آله ڪار آ??ي.