اسلام آباد – 01 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته اڳوڻي حڪومت ايل اي?? جي جا ڊگهي مدي وارا معاهدا ڪرڻ ۾ مجرماڻي غفلت ڪئي آهي جنه?? جي ڪري اڄ بجلي ۽ گئس جي لوڊشيڊنگ درپيش آهي، انشاءَ الله قوم کي هن مشڪل مان ڪڍنداسين، اڳوڻي حڪومت سستي گئس خريد ڪرڻ جو موقعو ڄاڻي واڻي وڃايو، لوڊشيڊنگ تي ضابطو آڻڻ اسا?? جي ذميواري آهي، قطر سان ڪيل شفاف معاهدي کي اڳوڻي حڪومت تنقيد جو نشانو بڻايو، اڳوڻي حڪومت بجلي جي پلانٽس جي مرمت نه ڪرائي. ملڪ ۾ لوڊشيڊنگ جي حوالي سان منعقد اجلاس ۾ ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته لوڊشيڊنگ ڪنٽرول ڪرڻ جي حوالي سان اسا?? جي ڪوششن جا اڃا تائين خاطرخواهه نتيجا نه نڪري رهيا آهن، گذ??يل حڪومت بجلي جي پلانٽس جي مرمت نه ڪرائي، بند پيل پلانٽس کي اسا?? جي حڪومت سخت محنت سان مرمت ڪري هلايو. هن چيو ته هن وقت ٻارڻ جو تمام وڏو چئلينج درپيش آهي، تيل ۽ گئس جون قيمتون عالمي منڊين ۾ گذ??يل ڪيترن ئي ڏهاڪ?? جي بلند ترين سطح تي آهن، اسان کي اهو سوچ??و پوندو آهي ته ايتري مهانگي تيل ۽ گئس تي بجلي ٺاهيون ته ان تي ڪيترو پرڏيهي ناڻو خرچ ٿيندو، اسان هڪ هڪ پئسو بچائڻ جي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون، اسان خام مال ۽ مشينري جي درآمد تي پابندي هنئي ته جيئن اڍائي کان ٽي ارب ڊالر ساليانو بچت ٿي سگهي. هن چيو ته عالمي منڊي ۾ تيل ۽ گئس جون قيمتون بلند ترين سطح تي ٿيڻ جي ڪري اسان ايل اي?? جي جي لاءِ جيڪي ٽينڊر ڏنا ان ۾ ڪجهه ٽينڊرز ۾ ڪا بڊ ئي ناهي آئي، جيڪا بڊ آئي ان ۾ 40 ڊالر في يونٽ گئس مهانگي ملي رهي آهي. هن چيو ته ا?? جي سببن کان اسان سٺي طرح آگاهه آهيون جڏهن ته ان بحران مان پاڪستان کي ڪڍنداسين. هن چيو ته گذ??يل حڪومت پنهنجي سياسي مخالفن کي ديوار سان لڳائڻ جي لاءِ لڳايل وقت جو اڌ به ان تي هڻي ها ته اڄ اها صورتحال نه هجي ها. هن چيو ته نواز شريف جي دور ۾ اسان 13 ڊالر جو معاهدو ڪيو جڏهن ته ان تي ايتري الزام بازي ڪئي وئي ته قطر ان شفاف معاهدي تي تنقيد جي ڪري پريشان ٿي ويو، اسان اهو معاهدو 15 سال?? جي لاءِ جڏهن ته 10.4 ڊالر تي 5 سال?? جي لاءِ معاهدو ڪيو. هن چيو ته جيڪڏهن گذ??يل حڪومت ڊگهي مدي وارا معاهدا ڪري ها ته ا?? گئس ۽ بجلي جي لوڊشيڊنگ نه ٿئي ها، هن گئس خريداري ۾ مجرماڻي غفلت ڪئي، 6.5 ڊالر ۾ ڊگهي مدي وارا معاهدا نه ڪيا، ان ۾ ايتري سياسي بصيرت به نه هئي، اسان ڏينهن رات سخت ڪوششون ڪري رهيا آهيون ته ان تي ضابطو آڻيون. وزيراعظم چيو ته جيڪڏهن بجلي نه هجي ته عوام بددعائون ڏيندي آهي ۽ جيڪڏهن انڊسٽري کي گئس نه ملي ته روانگي واکار ڏچڪو لڳي ٿو، ??ي هڪ مشڪل چئلينج آهي ا?? جي لاءِ مسلسل ڪوششون ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته عظيم دوست چي?? جي تعاون سان سي پيڪ تحت ڪوئلي جا پلانٽ لڳا آهن، آفريقا ۾ هن وقت ڪوئلي جون قيمتون بلند ترين سطح تي آهن، مشڪل صورتحال مان الله چاهيو ته ضرور نڪرنداسين. هن چيو ته چي?? جي حوالي سان ريوالونگ اڪائونٽس نه کولڻ تي چين کي گذ??يل هڪومت جي ان قدم تي اعتراض هو، سيمنز ڪمپني ساڍا 12 سئو ميگاواٽ جو پلانٽ لڳايو، اڍائي سال اڳ اهو پلانٽ هلڻ گهرجي ها پر بند پيو آهي، جنه?? جي ڪري 30 کان 40 ارب رپيا ضايع ٿيا، پن بجلي جي منصوبن ۾ ڄاڻي واڻي دير ڪئي وئي، اهو چئلينج اسان کي ورثي ۾ مليو، ان کي اسان کي حل ڪري پاڪستان کي ان بحران مان ڪڍڻو آهي اهو وقت پري نه آهي جڏهن لوڊشيڊنگ گهٽ ٿيندي. وزيراعظم چيو ته اسان کي پاڪستان کي صحيح معنيٰ ۾ قائد جو پاڪستان بڻائڻو آهي.