اسلام آباد – 22 – جون (اي پي پي) ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي ??ي سي) ڪي اليڪٽرڪ جي لاءِ بجلي جي في يونٽ قيمت ۾ 0.571 رپيا اضافو، آر ايل اين جي تي هلندڙ پاور پلانٽس کي ادائيگين جي مد ۾ 17 ارب رپيا ۽ وزيراعظم جي مددي پئڪيج ت??ت اسلام آباد پوليس جي شهيدن جي خاندانن جي معاونت لاءِ 1224.41 ??لي?? رپين جي ضمني گرانٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي، اجلاس ۾ ڪيترين ئي وزارتن ۽ ڊويزنن جي لاءِ فني/ ضمني مالياتي گرانٽس جي منظوري پڻ ڏني وئي. ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس ناڻي واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل جي صدارت ۾ ناڻي واري وزارت ۾ ٿيو. اجلاس ۾ منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال، قومي غذائي تحفظ واري وفاقي وزير طارق بشير چيما، واپار واري وفاقي وزير سيد نويد قمر، صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير سيد مرتضيٰ محمود، ناڻي واري مملڪتي وزير عائشه غوث بخش پاشا، وفاقي سيڪريٽرين، ايف بي آر چيئرمين ۽ سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي. توانائي واري وزارت پاران بجلي جي شعبي لاءِ ٽيرف کي معقول بڻائڻ بابت ??مر?? پيش ڪئي وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته نيشنل اليڪٽريسٽي پاليسي 2021ع موجب حڪومت ڪي اليڪٽرڪ ۽ ٻين سرڪاري ڊسٽري بيوشن ڪمپنين جي صارفين جي لاءِ هڪ جهڙو ٽيرف برقرار رکندي. انهي جي تسلسل ۾ ڪي اليڪٽرڪ جي ٽيرف کي معقول بڻائڻ ضروري آهي. اقتصادي رابطا ڪميٽي ٽن مهينن جي ريڪوري مدي لاءِ ڪي اليڪٽرڪ جي لاءِ في يونٽ 0.571 رپيا اضافي جي منظوري ڏئي ڇڏي. وڌيڪ اهو ته نيپرا آڪٽوبر کان ڊسمبر 2021ع جي ته ماهي جي لاءِ نظرثاني ٿيل ٽيرف شيڊيول جاري ڪندي. اجلاس ۾ پاور ڊويزن پاران حڪومتي ملڪيتي پاور پلانٽس کي ادائيگين بابت ??مر?? پيش ڪئي وئي. اقتصادي رابطا ڪميٽي جاري مالي سال جي لاءِ ان ڏس ۾ 17 ارب رپيا جاري ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. هي فنڊز آر ايل اين جي تي هلندڙ پاور پلانٽس (حويلي بهادر شاهه، بيڪي ۽ بلوڪي) کي ادا ڪيا ويندا ته جيئن انهن پاور پلانٽس کي ڪيش جي مسئلن کي منهن نه ڏيڻو پوي. اجلاس ۾ توانائي واري وزارت (پاور ڊويزن) پاران ڪي اليڪٽرڪ جي ٽه ماهي ٽيرف ايڊجسٽمينٽ ۽ ان جي مالي اثرن بابت هڪ ??مر?? پيش ڪئي وئي. اي ??ي سي تفصيلي بحث کانپوءِ دستياب 36.94 ارب رپيا بطور ايڊوائيس سبسڊي استعمال ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي. اهي فنڊز سي پي اي – جي کي منتقل ٿيندا. اقتصادي رابطا ڪميٽي وزيراعظم جي معاونتي پئڪيج ت??ت اسلام آباد پوليس جي شهيدن جي خاندانن جي معاونت لاءِ 1224.41 ??لي?? رپين جي ضمني گرانٽ جي منظوري پڻ ڏني. هڪ سال تائين جي عمر جي ٻارن کي بيمارين کان محفوظ بڻائڻ جي لاءِ ويڪسين جي قومي پروگرام کي سگهه ڏيڻ جي ڏس ۾ اي ??ي سي اميونائيزيشن بابت وفاقي ڊائريڪٽوريٽ جي لاءِ 6133.31 ??لي?? رپيا فراهم ڪرڻ جي پڻ منظوري ڏني. اقتصادي رابطا ڪميٽي والاريل ڪشمير جي پناهگيرن جي آبادڪاري جي لاءِ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري وزارت جي لاءِ 3096.05 ??لي?? رپين جي منظوري ڏئي ڇڏي، اهي فنڊز آزاد ڪشمير کي منتقل ٿيندا. منسٽر انڪليو اسلام آباد ۾ تعمير ۽ مرمت جي لاءِ فنڊز جي فراهمي بابت ??مر?? کي اقتصادي رابطا ڪميٽي رد ڪري ڇڏيو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته اڳوڻي حڪومت 19 – 2018ع ۾ منسٽر انڪليو ۾ تعمير ۽ مرمت جي ڪمن تي 87.5 ??لي?? رپيا، 20 – 2019ع ۾ 4.8 ??لي?? رپيا ۽ 21 – 2020ع ۾ 50 ??لي?? رپيا خرچ ڪيا آهن. اي ??ي سي ڪفايت شعاري جي قدمن تحت منسٽر انڪليو ۾ تعمير ۽ مرمت جي لاءِ فنڊز جاري ڪرڻ بابت ??مر?? رد ڪري ڇڏي. اجلاس ۾ گهرو وزارت جي لاءِ 5891.9 ??لي?? رپيا، آءِ پي پيز کي ادائيگي جي لاءِ پاور ڊويزن کي 96.13 ارب رپيا، اين سي او سي جي تشهيري مهم جي لاءِ 40 ??لي?? رپيا، ڪابينا ڊويزن جي لاءِ 125.8 ??لي?? رپيا، پرڏيهي وزارت جي لاءِ 3750 ??لي?? رپيا، آءِ ٽي ۽ ٽيليڪام واري وزارت جي لاءِ 379 ??لي?? رپيا ۽ پاڪستان ريلوي جي لاءِ 5 ارب رپين جي ضمني ۽ فني ضمني گرانٽس جي پڻ منظوري ڏني وئي.