اسلام آباد – 30 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته اقتصادي حڪومت سيڙپڪاري جي فروغ لاءِ رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي، چين پاڪستان اقتصادي تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ پاڪستان جي س??اجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ اهم آهي، چيني ڪمپنيون پاڪستان ۾ قابل تجديد توانائي خاص طور تي شمسي توانائي جي وسيع امڪانن ۾ سيڙپڪا??ي ڪن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب چيني س??ڙپڪا??ي ڪمپني نورينڪو جي اعليٰ اختياري وفد وزيراعظم سان ملاقات ڪئي. وفد جي قيادت نورينڪو انٽرنيشنل جي نائب صدر وانگ شيائوبنگ ۽ نورينڪو انٽرنيشنل (پاڪستان) جي س?? اي او لي ڪنگ ڪئي. ملاقات ۾ وفاقي وزير خواجه سعد رفيق، سيد نويد قمر، چوڌري سالڪ حسين، وزيراعظم جو صلاحڪار احد چيما، وزيراعظم جو خصوصي معاون سيد طارق فاطمي، محمد جهانزيب خان، ظفرالدين محمود ۽ لاڳاپيل وزارتن جا عملدار به موجود هئا. ان موقعي تي وفد سان ڳالهائيندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پاڪ چين اقتصادي تعاون کي سگهه ڏيڻ پاڪستان جي س??اجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ اهم آهي، پاڪ اقتصادي اقتصادي لنگهه منصوبو سي پيڪ ٻنهي دوست ملڪن جي گڏيل فائدي ۽ ترقي جي لاءِ تبديلي جي منصوبي طور اهم منصوبو آهي. هن چيني ڪمپنين کي پاڪستان ۾ قابل تجديد توانائي خاص طور تي شمسي توانائي جي وسيع امڪانن ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏن??. و??يراعظم لاهور اورينج لائين ميٽرو ٽرين منصوبي ۾ ڪمپني جي ڪردار کي به ساراهيو جيڪا لاهور ۾ روزانو جي بنياد تي لکين مسافرن کي س??ولت فراهم ڪري رهي آهي. هن ياد ڏياريو ته ائين پهريون ڀيرو ٿيو آهي ته جي ٽو جي پراجيڪٽ يعني لاهور اورينج لائين کليل ٻولي لڳائي وئي. هن چيو ته سڀ کان گهٽ ٻولي ڏيندڙ ڪمپني سان وڌيڪ ڳالهين جي نتيجي ۾ 600 ملين آمريڪي ڊالرز جي بچت ٿي. اهو يقينن پاڪستان جي ترقي جي تاريخ ۾ هڪ سنگ ميل آهي. وفد پاڪستان کي موجوده معاشي بحران مان ڪڍڻ جي لاءِ وزيراعظم شهباز شريف جي اڻٿڪ ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته وزيراعظم شهباز شريف چين جو عظيم دوست آهي، جنهن جي ڪاروبار دوست پاليسين اقتصادي تعاون کي وڌيڪ مضبوط ڪيو آهي ۽ ملڪ ۾ سڌوسنئون غيرملڪي س??ڙپڪاري کي آسان بڻايو آهي. نورينڪو جي وفد پاڪستان ۾ قابل تجديد توانائي جي منصوبن جي وسيع موقعن مان فائدو کڻڻ جي لاءِ ان شعبي ۾ سيڙپڪا??ي ڪرڻ ۾ گهري دلچسپي ظاهر ڪئي. ڪمپني خاص طور تي ٺٽي ۾ ونڊ ڪوريڊور جنهن تحت 100 ميگاواٽ جو ونڊ پاور پراجيڪٽ تجويز ڪيو هو ۾ سيڙپڪاري ۾ دلچسپي ظاهر ڪئي، ان سان گڏوگڏ ريلوي لائين سان گڏ فائبر آپٽڪ ۾ سيڙپڪاري، ٽامي ۽ لوهه جي کاڻين ۽ ملڪ جي وڌندڙ شهرن ۾ انفراسٽرڪچر جي ترقي ۾ سيڙپڪاري جا موقعا شامل هئا جن جي ڪمپني س??ڙپڪاري جي امڪاني جاين جي نشاندهي ڪئ??. و??يراعظم چيو ته پاڪستان سيڙپڪاري لاءِ سازگار آهي ۽ ان جي حڪومت سيڙپڪارن جي وڌيڪ سهولتن لاءِ سڀني رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻي رهي آه??. و??يراعظم چيني صدر شي جن پنگ ۽ وزيراعظم لي ڪي ڪيانگ پاران پاڪستان جي مسلسل ۽ اڻٿڪ حمايت خاص طور تي پاڪستان جي موجوده معاشي صورتحال تي مدد تي ٿورا مڃيا.