اسلام آباد – 04 – جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات ??ار?? وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته گذريل چار سال سياسي مخالفن تي ڪوڙ ۽ الزامن تي ٻڌل ڪيسز ق??ئم ڪيا ويا، سياسي مخالفن کي سزاءِ موت جي چڪين ۾ رکيو ويو، هاڻي عمران خان پاران اهڙو بيانيو ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته حڪومت جون اتحادي پارٽيون پنهنجي خلاف ڪيسز ختم ڪرائڻ جي لاءِ نيب ترميمون ڪري رهيون آهن، عمران خان گذريل چار سالن دوران جيڪي الزام هنيا هو هڪ الزام به ثابت نه ڪري سگهيا. اها ڳالهه هن ڪابينا اجلاس کانپوءِ توانائي ??ار?? وفاقي وزير خرم دستگير، سيڙپڪاري ??ار?? وزير چوڌري سالڪ حسين ۽ ڪشمير معاملن ??ار?? صلاحڪار قمر زمان ڪائره سان گڏ صحافين کي بريفنگ ڏيندي چئي. وفاقي ڪابينا جي فيصلن کان آگاهه ڪندي اطلاعات ??ار?? وفاقي وزير چيو ته ڪابينا ناڻي ??ار?? ڊويزن ??ي سفارش تي سيڪيورٽيز اينڊ ايڪسچينج ڪم??شن آف پاڪستان جي لاءِ ڪرو حسين چوڌري اينڊ ڪم??ني (Crowe Hussain and Co) کي مالي سال 22 – 2021ع جي ايڪسٽرنل آڊيٽرز طور مقرري جي منظوري ڏني آهي. هن چيو ته ڪابينا کي پاور ڊويزن پاران ملڪ ۾ لوڊشيڊنگ تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. هن ٻڌايو ته جون 2022ع ۾ سڄي ملڪ ۾ بجلي جي پيداوار 23900 ميگاواٽ هئي. 2013ع کان 2018ع تائين مسلم ليگ (ن) جي دور ۾ جيڪا بجلي پيدا ٿي اها 23900 جي موجوده گنجائش جو اڌ آهي. هن چيو ته جون ۾ شديد گرمي جي ڪري بجلي جي طلب 30 هزار ميگاواٽ تائين پهتي جيڪا تاريخي ڊيمانڊ آهي. هن چيو ته گذريل چار سال راڳ آلاپيو ويندو رهيو ته مسلم ليگ (ن) اضافي بجلي پيدا ڪري وئي. هن چيو ته گذريل چار سال دوران ڪيترائي اهم منصوبا شروع نه ٿي سگهيا، ان جي ڪري اڄ اسان جي بجلي جي پيداوار متاثر ٿي آهي. اطلاعات ??ار?? وفاقي وزير چيو ته وفاقي ڪابينا ڪابينا ڊويزن ??ي سفارش تي ڪيبنيٽ ڪم??ٽي آن ليجسليٽو ڪيسز (سي سي ايل سي) جي 29 جون 2022ع تي منعقد اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي توثيق ڪئي، انهن فيصلن ۾ انٽيليڪچوئل پراپرٽيز آرگنائيزيشن آف پاڪستان (فنانشل) رولز 2022ع، انٽيليڪچوئل پراپرٽيز آرگنائيزيشن آف پاڪستان (سروس) رولز 2022ع، پبلي ڪيشن آف لاز آف پاڪستان (ترميمي) بل 2022ع جي منظوري سميت نيشنل اڪائونٽيبلٽي (ترميمي) بل 2022ع شامل آهي. اطلاعات ??ار?? وفاقي وزير چيو ته ڪابينا ڊويزن ??ي سفارش تي ڪابينا جي پرائيوٽائيزيشن بابت ڪم??ٽي جي 24 جون 2022ع جي منعقد اجلاسن ۾ ڪيل فيصلن تي پڻ غور ڪيو ويو. ليگل فريم ورڪ گورنمينٽ ٽو گورنمينٽ (جي ٽو جي) ڪمرشل ٽرانزيڪشنز جي حوالي سان دفاع ??ار?? وفاقي وزير خواجه آصف ??ي سربراهي ۾ ٽ??سڪ فورس ق??ئم ڪئي وئي آهي. ڪابينا پاڪستان اسٽيل ملز جي بحالي (پي ايس ايم سي) ٽرانزيڪشنز ۽ سروسز انٽرنيشنل هوٽل لاهور جي نجڪاري جي حوالي سان نجڪاري بابت ڪابينا ڪم??ٽي جي فيصلي تي پڻ غور ڪيو. هن ٻڌايو ته سولر انرجي تي ٽاسڪ فورس جي پريزنٽيشن ايندڙ ڪابينا جي اجلاس ۾ پيش ڪئي ويندي. هن چيو ته زراعت بابت ق??ئم ٽاسڪ فورس موجوده بجيٽ 2022ع ۾ ڏنل مراعتن تي عملدرآمد جي لاءِ پنهنجون تجويزون ڪابينا کي پيش ڪندي، ڪابينا گهرو وزارت ??ي سفارش تي 5 ماڻهن جا نالا اي سي ايل تان هٽائڻ جي پڻ منظوري ڏني. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته قومي احتساب (ترميمي) بل 2022ع تي قانون ??ار?? وفاقي وزير تفصيلي پريس ڪانفرنس ڪندو. هن چيو ته عمران خان پاران اهڙو بيانيو ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته اتحادي پارٽيون پنهنجي خلاف ڪيسز ختم ڪرائڻ جي لاءِ نيب ترميمون ڪري رهيون آهن. هن چيو ته گذريل چار سال ڪوڙ ۽ الزامن تي ٻڌل ڪيسز ق??ئم ڪيا ويا. گذريل چار سال اهو ئي قانون هو، عمران خان وزيراعظم هو، نيب نيازي ڳٺ جوڙ به هو، ان سڀني جي باوجود عمران خان جيترا الزام هنيا هو عدالت ۾ هڪ الزام به ثابت نه ڪري سگهيا.