اسلام آباد – 18 – آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو ??رد??ري ۽ ڊيجيٽل ڪارپوريشن آرگنائيزيشن جي سيڪريٽري جنرل دماح اليح??يٰ جي وچ ۾ وڊيو لنڪ ذريعي رابطو ٿيو آهي جنهن ۾ پاڪستان سميت سمورن ميمبر ملڪن ۾ ڊيجيٽل اڪانومي ۾ ٺوس ترقي جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب ڊيجيٽل ڪارپوريشن آرگنائيزيشن جي سيڪريٽري جنرل دماح اليح??يٰ پاڪستان قائم ??يڻ جا 75 سال مڪمل ٿيڻ تي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو ??رد??ري کي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته سفارتي ميدان ۾ پاڪستان جي ڪارڪردگي متاثر ڪندڙ آهي. ان موقعي تي پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ڊيجيٽل ڪارپوريشن آرگنائيزيشن جي باني ميمبر طور پنهنجون ذميوارو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. بلاول ڀٽو ??رد??ري چيو ته ڊيجيٽل ڪارپوريشن آرگنائيزيشن ۾ نوجوانن جي لاءِ ڊيجيٽل تعليم جي شعبي ۾ معاونت ڪري، پاڪستان ب??لجندڙ دنيا سان گڏ قدم کان قدم ملائي هلڻ لاءِ تيار آهي.