ملتان – 01 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ت?? سنڌ ۽ بلوچستان ۾ ڊيلي ايڪشن ڊيم ۽ پاڻي ذخيرا بڻائڻ جي ضرورت آهي ت?? جيئن ٻوڏ واري پاڻي کي ذخيرو ڪري سگهجي ۽ وقت تي استعمال ۾ آڻي سگهجي. هن چيو ته مستقبل ۾ فصلن جي انشورنس کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي ت?? جيئن ٻوڏ يا ٻين قدرتي آفتن جي ڪري آبادگارن جي نقصان ??وازالو ٿي سگهي، فصلن جي انشورنس سان نه رڳو ا??ڙين آفتن ۾ آبادگارن جو نقصان پورو ڪري سگهبو پر عام حالتن ۾ فصل خراب ٿيڻ جي صورت ۾ به انهن کي ادائيگي ٿي ويندي. هن چيو ته هن ڀيري ڊيره غازي خان ۾ ڪوهه سليمان ??ي نئين ۾ غيرمعمولي پاڻي آيو جنهن انسانن، چوپائي مال، عمارتن ۽ انفراسٽرڪچر کي ت??ام گهڻو نقصان پهچايو. ٻوڏ سان ??ڄي ملڪ ۾ تباهي ٿي ۽ سمورا صوبا ان ??ورتحال سان ??رابر متاثر ٿيا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڊيره غازي خان ۾ فلڊ ريليف ڪئمپ جي دوري جي موقعي ت?? متاثرين کي خطاب ڪندي ڪيو. ان کي ت??هان ??ي مشڪلاتن جو مڪمل ادراڪ آهي. ان موقعي ت?? متاثرين صدر کي پنهنجي مسئلن کان ??گاهه ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ بوائي اسڪائوٽس ۽ گرلز گائيڊز تنظيمن کي فعال ڪرڻ جي ضرورت آهي ت?? جيئن مستقبل ۾ حڪومت، فوج ۽ عوام جي مدد سان ??هڙين آفتن سان مقابلو ڪري سگهن. صدر عارف علوي ٻوڏ متاثرين کي چيو ته پهرين مرحلي ۾ اسان ??ي لاءِ انساني جانيون بچائڻ وڌيڪ اهم هو تنهن ڪري انتظاميا ڀرپور انداز ۾ متاثر علائقن مان ماڻهن کي ريسڪيو ڪرڻ جو ڪم ڪيو. ان کانپوءِ هاڻي اسان ??حالي جو عمل شروع ڪري رهيا آهيون. صدر ڊاڪٽر عارف علوي انتظاميا کي هدايت ڪئي ت?? ٻوڏ متاثر علائقن ۾ امڪاني وبائي مرضن کان ??چڻ جي لاءِ اڳواٽ انتظام ڪيا وڃن. هن موسميات کاتي جي نظام کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو ته جيئن اهڙي قسم جي آفتن جي اڳواٽ اطلاع ملڻ سان ??نتظاميا بهتر طور تيار هجي. ان کان ??ڳ صدر عارف علوي ڊيره غازي خان پهچڻ تي ڪمشنر ڊيره غازي خان کيس ٻوڏ سبب ٿيندڙ تباهين کان ??گاهه ڪيو ۽ نقصانن جا تفصيل ٻڌايا. ڪمشنر ٻڌايو ته ڊويزن ۾ 7 نئيُون آهن جن ۾ عام طور تي برساتن جو پاڻي اچي ٿو پر هن ڀيري چئن نئين ۾ معمول کان وڌيڪ پاڻي آيو جنهن جي ڪري 2010ع جي ٻوڏ کان ??ه وڌيڪ نقصان ٿيو. هن ٻڌايو ته هيستائين هڪ لک 10 هزار ايڪڙ زمين پاڻي هيٺ اچي چڪي آهي، ڪُل 48 ڄڻا اجل جو شڪار ٿيا، جن مان 20 ڄڻا ٻوڏ جي پاڻي ۾ وهي وڃڻ جي ڪري ۽ 28 ڄڻا مختلف گهرن جي ڪرڻ سان فوت ٿيا. پنجاب حڪومت فوت ٿيندڙن جي پونئيرن کي 8 لک رپيا ڪس ڏئي رهي آهي ۽ ڪابينا جي ايندڙ اجلاس ۾ ان ????دا?? ۾ وڌيڪ اضافو ڪرڻ جي منظوري ڏني ويندي. ڪمشنر ڊي جي خان چيو ته ٻوڏ جي ڪري 90 ماڻهو سخت زخمي ۽ 800 معمولي زخمي آهن جڏهن ته 83 وڏا ۽ 1136 ننڍا جانور مري ويا آهن، 11 هزار 409 گهر مڪمل تباهه جڏهن ته 13 هزار 275 گهرن کي جزوي نقصان پهتو آهي. ڪمشنر صدر کي بريفنگ ڏيندي وڌيڪ ٻڌايو ته هيستائين ريسڪيو جون 92 بوٽس ۽ 1183 ريسڪيو ا??لڪارن 20 هزار ماڻهن کي حفاظت سان ??يسڪيو ڪيو. هن چيو ته ٻوڏ سبب 1055 ڪلوميٽر رستا، 116 اسڪولن جون عمارتون، 33 اسپتالون ۽ 2 ڪاليجز متاثر ٿيا آهن. ڪمشنر ٻڌايو ته ٻوڏ متاثرين جي مدد جي لاءِ 42 ريليف ڪئمپ، 69 ميڊيڪل ڪئمپ، 70 ويٽرنري ڪئمپ ۽ ٽينٽ وليج به قائم ڪيا ويا آهن. ٻوڏ متاثرين کي رهائش جي لاءِ 12 هزار 604 ٽينٽ مهيا ڪيا ويا آهن جڏهن ته 4 هزار 240 اٽي جا بيگ، 38 هزار 484 راشن بيگز ۽ 2 هزار 353 ديڳون پچايون ويون آهن.