گلگت – 02 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف گلگت پهچي ويو. وزيراعظم جي ڪشمير معاملن واري صلاحڪار قمر زمان ڪائره، اڳوڻي وڏي وزير حافظ حفيظ الرحمان، چيف سيڪريٽري محي الدين احمد واني ??ستقبال ڪيو. وزيراعظم ميان شهباز شريف گلگت کان هيليڪاپٽر ذريعي ضلعي غذر روا??و ٿي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف ضلعي غذر ۾ ٻوڏ کان متاثر ڳوٺ بوبر جو دورو ڪندو.