اسلام آباد – 27 – آڪٽوبر (اي پي پي) ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس آزاد ڄمون ۽ ڪشمير شاخ جي اهتمام هيٺ ڪاري ڏينهن جي موقعي تي اسلام آباد، مظفرآباد ۽ پاڪستان ۽ آزاد ڪشمير جي ٻين شه??ن ۾ ??ار?? جي خلاف ڀرپور مظاهرا ڪيا ويا. ڪشمير ميڊيا سروس موجب ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس آزاد ڄمون ۽ ڪشمير شاخ جي اڳواڻن شيخ عبدالمتين، سيد يوسف نسيم، مشتاق احمد بٽ، زاهد اشرف، گلشن اقبال، مشتاق الاسلام، شهزاد واني، انجنيئر محمود مشتاق ۽ دائود يوسف زئي ڪراچي، ڪوئيٽا، پشاور، لاهور، مظفرآباد، ميرپور ۽ ڪوٽلي ۾ احتجاجي مظاهرن دوران چيو ته ??ار?? والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ بدترين رياستي دهشتگردي ڪري رهيو آهي. هن چيو ته علائقي ۾ وڌندڙ رتوڇاڻ ??ار??ي فورسز کي ڏنل بي لغام اختيارن جو نتيجو آهي. سندس چوڻ هو ته ??ار?? والاريل علائقي ۾ آبادي جو تناسب تبديل ڪري اتان جي مسلمان ??ڪث??يت کي اقليت ۾ بدلائڻ چاهي ٿو. ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس آزاد ڄمون ۽ ڪشمير شاخ جي اڳواڻن ??ار??ي فوجين جي هٿان ڪشميري نوجوانن جي عدالت کان مٿانهون قتل تي شديد ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته ??ار?? والاريل علائقي ۾ نسل ڪشي ڪري رهيو آهي. هن عالمي برادري کي اپيل ڪئي ته اها والاريل علائقي مان ??ار??ي فوجين جي انخلا، سمورن ڪارن قانونن کي ملتوي ڪرڻ ۽ سمورن بيگناهه ڪشميري نظربند ٿيلن جي آزادي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري.