اسلام آباد – 29 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب انگلينڊ ڪ??ڪي?? ٽيم جي پاڪستان اچڻ تي آجيان ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ۾ ڪ??ڪي?? جو جنون آهي، سڄي دنيا ڄاڻي ٿي ته پاڪستاني عوام ڪهڙي طرح ڪ??ڪي?? سان والهاڻو لڳاءُ رکي ٿي. اها ڳالهه هن برطانوي هاءِ ڪمشنر ڪرسچن ٽرنر پاران پاڪستان ۽ انگلينڊ جي ڪ??ڪي?? ٽيمن جي اعزاز ۾ ڏنل آجياڻي جي موقعي تي ڳالهائيندي چئي. آجياڻي واري تقريب ۾ انگلينڊ ڪ??ڪي?? ٽيم جي ڪپتان بين اسٽوڪس ۽ پاڪستان ڪ??ڪي?? ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم اطلاعات واري وفاقي وزير سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي مريم اورنگزيب چ??و ته پاڪستان ۽ انگلينڊ جي وچ ۾ 17 سالن کانپوءِ تاريخي ٽيسٽ سيريز جي لاءِ سڄي قوم پرجوش آهي. هن چ??و ته پاڪستان انٽرنيشنل ڪ??ڪي?? جي لاءِ بهترين ۽ محفوظ جڳهه آهي، پاڪستان حڪومت انگلينڊ ڪ??ڪي?? ٽيم کي بهترين سيڪيورٽي فر??هم ڪري رهي آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير تازي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان ۽ انگلينڊ ڪ??ڪي?? ٽيمن جي ڪارڪردگي کي ساراهيو. ان موقعي تي برطانوي ڪ??ڪي?? ٽيم جي ڪپتان بين اسٽوڪس بهترين مهمان نوازي تي پاڪستان جي عوام جا ٿورا مڃيندي چ??و ته پاڪستان حڪومت پاران اطمينان جوڳي سيڪيورٽي فر??هم ڪئي وئي آهي. هن چ??و ته اسان بهترين ڪ??ڪي?? کيڏڻ جي لاءِ پراميد آهيون. پاڪستان ڪ??ڪي?? ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم انگلينڊ ڪ??ڪي?? ٽيم کي پاڪستان اچڻ تي ڀليڪار ڪيو ۽ بهترين راند پيش ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي عزم جو اظهار ڪيو.