شرم الشيخ – 07 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان آءِ ايم ايف جي تعاون کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، آءِ ايم ايف پروگرام کي پورو ڪيو ويندو. اهڙن خيال جو اظهار هن آءِ ايم ايف جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ڪرسٽالينا جورجيوا سان ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم جي ساڻس ملاقات موسمياتي تبديلين جي اثرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ منعقد ڪوپ – 27 سربراهي اجلاس جي موقعي تي ٿي. وزيراعظم چي?? ته آءِ ايم ايف پروگرام کي پورو ڪنداسين، آءِ ايم ايف جي تعاون کي قدر جي نگاهه سان ڏسون ٿا. هن چي?? ته ٻوڏ متاثرين جي فوري مدد ۽ بحالي جي لاءِ بجيٽ ڪاٿن ۾ تبديلي آندي وئي آهي، ڪورونا ۽ عالمي ٻاڙائي کانپوءِ ٻ??ڏ جي صورتحال جا پاڪستان جي معاشي بحالي جي رفتار تي منفي اثر پيا آهن، عوام جي جان بچائڻ ۽ ٻوڏ متاثرين جي بحالي اولين ترجيح آهي. هن ان اميد جو اظهار ڪي?? ته ڪوپ 27 ڪانفرنس موسمياتي انصاف ڏيارڻ ۾ سنگ ميل ثابت ٿيندي.