اسلام آباد – 30 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان آرمي چيف جنرل سيد عاصم م??ير ملاقات ڪئي ۽ پاڪ فوج جي پيشيواراڻي ۽ قومي سلامتي سان لاڳاپيل معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف آرمي چيف جو عهدو سنڀالڻ تي کيس مبارڪباد ڏني. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پار??ن جاري بيان موجب وزيراعظم آرمي چيف سان ڳا??هائيندي چيو ته توه??ن جي آرمي چيف بڻجڻ تي قوم خوش آهي، عوام ۽ فوج جي وچ ۾ اعتماد ۽ محبت جا رشتا وڌيڪ مضبوط ٿيندا. هن چيو ته توه??ن جهڙي قابل آفيسر جي قيادت اداري جي پيشيواراڻي ترقي کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ ۾ اهم ثابت ٿيندي. آرمي چيف جنرل سيد عاصم م??ير وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. آرمي چيف جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ جنرل سيد عاصم م??ير جي وزيراعظم اها پهرين ملاقات هئي.