اسلام آباد– 27 – ج??ور?? (اي پي پي) پا??ست??ن فلسطين جي شهر جنين تي اسرائيل جي وحشياڻي حملي جي سخت مذمت ڪئي آهي جنهن ۾ هڪ وڏ?? عمر جي عورت سميت ڪيترائي بيگناهه فلسلطيني شهيد ۽ 20 ماڻهو زخمي ٿيا آهن. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب هلندڙ مهيني ۾ اسرائيلي جارحيت جي نتيجي ۾ 30 فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن. بيان ۾ چيو ويو آهي ته پا??ست??ن عالمي برادري کان مطالبو ڪري ٿو ته اها اسرائيلي قابض فوج جي انهن ڪاررواين کي روڪرائڻ ۽ فلسطيني عوام جي انساني حقن جي مناسب تحفظ کي يقيني بڻائڻ ۾ پنهنجي ذميواري ادا ڪري. ترجمان پنهنجي بيان ۾ وڌ??ڪ چيو ته پا??ست??ن فلسطيني عوام جي بنيادي حقن بشمول خودمختياري جي حق کي مڪمل حاصل ڪرڻ جي لاءِ انهن جي جائز جدوجهد جي پنهنجي مضبوط ۽ اڻٿڪ حمايت کي ورجائي ٿو. بيان موجب پا??ست??ن جي حڪومت ۽ عوام متاثرين جي گهرڀاتين سان دلي تعزيت جو اظهار ڪن ٿا ۽ ان وحشياڻي حملي ۾ زخمين جي مڪمل ۽ جلد صحتيابي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪن ٿا. ترجمان چيو ته پا??ست??ن گڏيل قومن ۽ او آءِ سي جي لاڳاپيل قراردادن موجب 1967ع کان اڳ جي سرحدن ۽ القدس الشريف کي ان جي گادي واري شهر جي طور تي هڪ قابل عمل ۽ آزاد فلسطيني رياست جي لاءِ پنهنجي مطالبي جي تجديد ڪري ٿو.