اسلام آباد – 03 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته دهشتگردي خلاف رياست ذرو برابر به برداشت جو مظاهرو نه ڪن??ي ۽ ڪنهن به صورت ۾ دهشتگردي کي وڌڻ ويجهڻ نه ڏنو ويندو، ملڪي مفادن ۾ اسان سڀني کي گڏجڻو پوندو، 7 فيبروري تي آل پارٽ??ز ڪانفرنس ۾ شرڪت جي لاءِ عمران خان کي به دعوت ڏني آهي. وزيراعظم پنهنجي مختلف ٽوئيٽس ۾ چيو ته ايپڪس ??ميٽي جي اجلاس ۾ سول ۽ ملٽري قيادت پاڪستان جي عو??م جي جان ۽ مال جي هر قيمت تي تحفظ جو وچن ورجايو آهي. هن چيو ته جيڪي به معصوم ماڻهن تي حملا ڪن ٿا انهن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو ۽ ڪنهن به صورت ۾ دهشتگردي کي ٻيهر ڪَر کڻڻ نه ڏنو ويندو. هن چيو ته گڏجاڻي ۾ ملڪ جي سيڪيورٽي تي غور ويچار ڪيو ويو ۽ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته وفاق ۽ صوبا هڪ ئي پاليسي اختيار ڪن??ا. جڏهن ته نيسنل ايڪشن پلان تي به غور ويچار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. جڏهن ته جاچ فرانزڪ ۽ ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ کي سگهارو بڻائڻ جي منظوري ڏني وئي آهي. هن چيو ته ميڊيا مذهبي عالم ۽ سياسي اڳواڻ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن ۽ ماڻهن ۾ عوامي راءِ جوڙين. هن چيو ته دهشتگردي جي خلاف رياست ذرو برابر به برداشت جو مظاهرو نه ڪن??ي. جڏهن ته گڏجاڻي ۾ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته فيصلن تي عملدرآمد جي لاءِ اداراتي مڪينزم ٺاهيو ويندو. جڏهن ته وزيراعظم ان کانسواءِ چيو ته مون ملڪي مفادن جي لاءِ سڀني کي گڏ کڻي هلڻ جو سوچيو آهي ان جي لاءِ 7 فيبروري تي اسلام آباد ۾ آل پارٽ??ز ڪانفرنس گهرائي آهي جنهن ۾ مون عمران خان کي پڻ دعوت ڏني آهي ڇو ته ملڪي مفادن جي لاءِ اسان سڀني کي گڏجي ويهڻو پوندو ۽ پنهنجا ذاتي اختلاف وسارڻا پوندا.