اسلام آباد– 14 – فيبروري (ا?? پي پي) وزيراعظم جي هدايت تي نيشنل ??يز??سٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ??يم اي) شام جي زلزلي متاثرين جي امداد لاءِ 20 رڪني ميڊيڪل ۽ ريسڪيو ٽيمو?? امدادي سامان سان گڏ دمشق روانيون ڪري ڇڏيون. اين ڊي ??يم اي جي ترجمان موجب شام جي لاءِ موڪليل امدادي ٽيمن ۾ پمز مان 10 ڊاڪٽر، جڏهن ته سي ڊي اي جي 10 رڪني ريسڪيو ٽيم شامل آهي. ان کانسواءِ سرديءَ جي لاءِ 130 فيملي خيما ۽ 3966 ڪلوگرام دوائن تي ٻڌل امدادي کيپ به رواني ڪئي وئي آهي. شام جي لاءِ ٽيمن کي سيفران واري وفاقي وزير طلحيٰ محمود ۽ خصوصي صلاحڪار حامد حميد رخصت ڪيو. ريسڪيو ۽ ميڊيڪل ٽيمون پي آءِ اي جي خصوصي جهاز ب??ئنگ 777 جي ذريعي دمشق پهچنديون. ريسڪيو ٽيمون شام جي متاثر علائقن ۾ اربن سرچ اينڊ ريسڪيو آپريشن ۾ حصو وٺنديون.