اسلام آباد – 27 – فيبروري (اي پي پي) پ??ڪس??ان پنهنجي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي تحفظ جي عزم کي ورجائيندي چيو آهي ته ڀارت پاران 26 جنوري 2019ع تي عالمي قانون ۽ گڏيل قومن جي چارٽر جي خلاف ورزي ڪندي ڪيل فضائي حملن جي خلاف پ??ڪس??ان جي مناسب جواب جا اڄ چار سال مڪمل ٿي ويا آهن. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران ج??ري بيان موجب 26 ۽ 27 فيبروري 2019ع جا واقعا ڀارت جي جنگي جنون ۽ پ??ڪس??ان پاران زبردست تحمل ۽ ذميو??ري کي ظاهر ڪن ٿا، پ??ڪس??ان گرفتار ڀارتي پائليٽ کي امن جي لاءِ خيرسگالي جي اظهار طور واپس ڪري ڇڏيو هو. ترجمان چيو ته ڀارت کي پنهنجي لاپرواهي طرزعمل جي نتيجن کان آگاهه رهڻ گهرجي ۽ اهو سمجهڻ گهرجي ته پ??ڪس??اني قوم پنهنجي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي مڪمل تحفظ جي لاءِ تيار آهي. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو ته پ??ڪس??ان ان سان گڏوگڏ پرامن گڏيل بقاءَ ۽ پراڻي تڪرارن جي حل لاءِ پرعزم آهي. بيان ۾ ان ڳالهه تي به زور ڏنو ويو ته ڏکڻ ا??شيا ۾ پائيدار امن جو دارومدارگڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي پرامن ??ل سان آهي.