اسلام آباد – 03 – ??ار?? (اي پي پي) وزيراعظم محمد ش??باز شريف سان قطر جي سفير شيخ سعود بن عبدالرحمان بن فيصل الثاني ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ قطر جي سفير قطر ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌائڻ جي لاءِ ڪئي ويندڙ مختلف سرگرمين کان آگاهه ڪيو. وزيراعظم محمد ش??باز شريف ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل قدرن تي ٻڌل ڀائراڻن لاڳاپن کي ورجايو. هن انهن مضبوط لاڳاپن کي گڏيل طور تي فائديمند اقتصادي لاڳاپن ۾ تبديل ڪرڻ جي لاءِ ٻنهي طرفن يج گڏيل عزم جو ذڪر ڪيو. وزيراعظم 2022ع ۾ تاريخي ٻوڏ جي نتيجي ۾ پاڪستاني عوام جي انساني همدرديءَ جي بنياد تي امداد تي قطر جا ٿورا مڃيا. قطري سفير ڀائراڻن ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا ۽ ان سلسلي ۾ قطر پاران تعاون جي خاطري ڪرائي. واضح رهي ته قطر اٽڪل 250000 پاڪستانين جي ميزباني ڪري ٿو جيڪي ٻنهي ملڪن جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. هن ساڪل پاڪستان ۽ قطر جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپا قائم ٿيڻ جي 50 هين سالگرهه آهي. ٻئي ملڪ ان سالگرهه کي بهترين انداز ۾ ملهائڻ جي لاءِ پرعزم آهن.