اسلام آباد – 08 – مارچ (اي پ?? پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي کي يقيني بڻائڻ جي ل??ءِ معاشي، سياسي ۽ سماجي شعبن ۾ عورتن جي وڌ کان وڌ ڪردار تي زور ڏيندي چيو آه?? ته لاڳاپيل شعبن ۾ بهترين ڪارڪردگي ڏيکارڻ جي ل??ءِ عورتن کي مناسب موقعا فراهم ڪيا وڃن. عورتن جي عالمي ڏينهن جي سلسلي ۾ هڪ ٽيليويزن چينل پاران منقعد وومين ليڊرز ايوارڊز جي تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته عورتن کي گهرن کان ٻاهر ڪم ڪرڻ گهرجي ۽ معاشرو انهن کي پ??هنجي ل??ڳاپيل شعبن ۾ بهترين ڪارڪردگي ڏيکارڻ جي ل??ءِ مناسب موقعا فراهم ڪري. هن چيو ته مردن کي ڪم جي جاين تي هراسان ڪرڻ جي حوالي سان عورتن جي خدشن کي ختم ڪرڻ جي ل??ءِ پاڻ ذميواري وٺڻ گهرجي. صدر عارف علوي چيو ته پاڪستان صنفي برابري جي معاملي ۾ ٻين ملڪن کان پٺتي آه?? ۽ سماجي ۽ معاشي شموليت جي حوالي سان مرد ۽ عورتن جي وچ ۾ خال کي ڀرڻ جي ل??ءِ عملي قدمن جي ضرورت آه??. هن قائداعظم محمد علي جناح جو مثال پيش ڪيو جنهن جي ڀيڻ فاطمه جناح پاڪستان قائم ٿيڻ جي تحريڪ دوران ساڻس ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل رهي. صدر چيو ته جيڪڏهن اسان معاشي ترقي چاه??ون ٿا ته اسان عورتن کي گهرن تائين محدود رکڻ کي برداشت نه ٿا ڪري سگهون. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته چين جهڙن ملڪن عورتن کي معاشي سرگرمين جو حصو بڻائي غيرمعمولي ترقي ڪئي آه??. صدر چيو ته اسلام عورتن کي ڪيتر??ون ئي صد??ون اھ وراثت جي حق سميت سمورا حق ڏنا ۽ هي اهو وقت هو جڏهن ٻين معاشرن ۾ انهن حقن جو ڪو تصور به نه هو. هن نشاندهي ڪئي ته اولهه دنيا ۾ عورتن کي اهي بنيادي حق رڳو گذريل صديءَ ۾ ڏنا ويا هئا. هن ام المومنين حضرت خديجه (رضه الله عنها) جو مثال پيش ڪيو جيڪا پنهنجي طور تي هڪ ڪاروباري عورت هئي. صدر چيو ته بئنڪن پاران عورتن جي ل??ءِ آسان قرض فراهم ڪيا پيا وڃن، ان بابت انهن جي مناسب رهنمائي ڪرڻ گهرجي ته جيئن اهي مالياتي ادارن کان اهي قرض حاصل ڪري پ??هنجو ڪاروبار شروع ڪري سگهن. هن چيو ته اها بدقسمتي جي ڳالهه آه?? ته اسان جي ملڪ ۾ عورتن جي اڪثريت اسلام جي تعليم جي باوجود وراثت جي حق کان محروم آه??. ڇوڪرين جي تعليم جي حوالي سان ڳالهه ڪندي هن چيو ته پاڪستان ۾ 20 ملين کان وڌيڪ ٻار اسڪولن کان ٻاهر آه??، ڀارت، بنگلاديش ۽ سريلنڪا جهڙن ملڪن پرائمري سطح تي اٽڪل سئو سيڪڙو داخلا جي شرح حاصل ڪري ورتي آه?? جڏهن ته پاڪستان ۾ پرائمري اسڪولن ۾ ٻارن جي داخلا 68 سيڪڙو آه??. صدر چيو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جهڙن سماجي تحفظ جي قدمن عورتن کي سماجي ۽ معاشي طور تي بااختيار بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته هي پروگرام عورتن کي مالي طور تي خودمختيار بڻائڻ جي حوالي سان ڪامياب رهيو آه??. هن چيو ته ڊيجيٽلائيزيشن جي عمل سان عورتن کي پ??هنجي گهرن مان محفوظ انداز سان ڪم ڪرڻ ۾ مدد ملي رهي آه??. هن چيو ته پاڪستان پارليامينٽ ۾ عورتن کي نمائندگي ڏئي هڪ اهم قدم کنيو آه??، عورتن جي شرڪت وڌائڻ جي ل??ءِ اهڙن وڌيڪ فعال قدمن جي ضرورت آه??. صدر چيو ته هي ايوارڊ انهن عورتن جو اعتراف آه?? جن مختلف سماجي ۽ اقتصادي شعبن ۾ معاشري جي بهتري جي ل??ءِ نمايان ڪردار ادا ڪيو. صدر ڊاڪٽر علوي جي گهرواريءَ بيگم ثمينه علوي پڻ ان موقعي تي خطاب ڪيو ۽ معاشري جي ڪمزور طبقن خاص طور تي عورتن ۽ ٻارن کي بااختيار بڻائڻ ۽ انهن جي ڀلائي جي ل??ءِ کنيل قدمن تي روشني وڌي. هم نيٽ ورڪ جي صدر سلطانه صديقي پ??هنجي خطاب ۾ عورت ليڊرن کي نهن جي خدمتن ۽ ڪاميابين تي ايوارڊ ڏيڻ جي سالياني تقريب بابت آگاهه ڪيو. ان کان اڳ صدر عارف علوي ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ اهم شخصيتن عورت اڳواڻن کي ايوارڊ ڏنا. ايوارڊز ماڻيندڙ عورتن ۾ پروين سعيد، خاور ممتاز، ڪيرن آرمسٽرانگ، سبينه کتري، لاريب عطا، آمنه نواز، ڊاڪٽر زيبا ستار، رونق اقبال لاکاڻي، نسيم صلاح الدين ۽ نعيم احمد شامل هُيون.