ڪراچي – 10 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سينيئر صحافي طاهر نجمي جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظه??ر ڪيو آهي. بلاول هائوس ميڊيا ??يل پاران جاري بيان موجب بلاول ڀٽو زرداري تعزيتي پيغام ۾ چيو ته طاهر نجمي جي لاڏاڻي جي خبر ٻڌي دلي صدمو پهتو آهي، طاهر نجمي ??رحوم محنتي صحافي هو، سندس لاڏاڻو صحافت جي شعبي جي لاءِ تمام وڏو نقصان آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته دعاڳو آهيان الله تعاليٰ مرحوم کي جنت ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي. هن سوڳوار خاندان سان دلي تعزيت جو اظه??ر ڪيو ۽ صبر جميل جي دعا ڪئي.