اسلام آباد – 10 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان ڀارت پاران 9 مارچ 2022ع تي براهموس سپر سونڪ ميزائيل جي پاڪستاني سرزمين تي غيرذميواراڻي فائرنگ تي پن??نجي ڳڻتي کي ورجائيندي ان غيرذميواراڻي واقعي جي گڏيل جاچ جي پن??نجي مطالبي کي به ورجايو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب هڪ سال اڳ 9 مارچ 2022ع تي ڀارت جي سورت ڳڙهه مان پاڪستاني حدن ۾ سپر سونڪ ميزائيل براهموس فائر ڪيو ويو هو. ان سان انساني جانين ۽ ملڪيتن کانسواءِ علائقائي ۽ عالمي امن، سلامتي ۽ استحڪام کي پڻ شديد خطرو لاحق ٿيو. ترجمان چيو ته پاڪستان ان نازڪ صورتحال ۾ مثالي تحمل جو مظاهرو ڪيو جيڪو اسان جي نظام جي پختگي ۽ هڪ ذميوار ائٽمي رياست جي طور تي امن جي لاءِ ??ڪي عزم جو ثبوت آهي. ڀارت جي غيرذميواراڻي عمل عالمي قانون، گڏيل قومن جي چارٽر، عالمي سطح تي غلط قدمن جي لاءِ رياستن جي ذميواري بابت شقن، شهري هوابازي جي قانونن ۽ حفاظتي پ??وٽ??ڪول جي خلاف ورزي آهي. ان پن??نجي اسٽريٽجڪ هٿيارن کي منهن ڏيڻ جي حوالي سان ڀارتي نظام ۾ موجود ڪيترن ئي نقصن ۽ فني خامين کي بي نقاب ڪيو آهي. ترجمان چيو ته هڪ سال گذري وڃڻ جي باوجود ڀارتي حڪومت ان سنگين واقعي بابت حقيقتن جو صحيح طريقي سان تعين ڪرڻ جي لاءِ گڏيل جاچ جي پاڪستان جي مطالبي کي تسليم نه ڪيو. ڀارت پن??نجي اندروني جاچ جا نتيجا به پاڪستان سان شيئر نه ڪيا آهن. ان جي نام نهاد داخلي جاچ جي هڪطرفي ۽ جلدبازي ۾ بندش ڀارت جي اسٽريٽجڪ هٿيارن جي ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سسٽم تي سنگين سوال اٿاري ڇڏيا آهن. ترجمان چيو ته پاڪستان ان غيرذميواراڻي واقعي جي گڏيل جاچ جي پن??نجي مطالبي کي ورجائي ٿو. اسان سيڪيورٽي پ??وٽ??ڪول ۽ جوهري ماحول ۾ ميزائيلن جي حادثاتي يا غيرمجاز لانچ جي خلاف ٽيڪنيڪي خدشن جي حوالي سان ڪيترن ئي بنيادي سوالن جي اطمينان جوڳن جوابن ۽ وضاحت جي پڻ اميد ڪريون ٿا.