اسلام آباد – 24 – اپريل (اي پي پي) گهرو ويڙه?? جي شڪار سوڊان مان پاڪستانين جي محفوظ انخلا جي عمل جي شروعات ٿي و??ي. پرڏيهي آفيس موجب 500 پاڪستانين تي ٻڌل په??يون قافلو خرطوم مان نڪري سوڊان جي بندرگاهه پهچي ويو آهي جيڪو سامونڊي رستي ذريعي جده ويندو. جده مان پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائين ۽ پاڪ فضائي?? جي معاونت سان پاڪستانين کي و??ن واپس آندو ويندو. پرڏيهي ??زير بلاول ڀٽو زرداري جي هدايت تي ڦاٿل پاڪستانين جي عارضي رهائش ۽ خوراڪ جا انتظام پڻ ڪيا ويا آهن. پرڏيهي ??زير بلاول ڀٽو زرداري جي هدايت تي سوڊان ۾ پاڪستاني سفارتخاني ۾ هنگامي رابطي جي لاءِ هيلپ لائين پڻ قائم ڪئي و??ي آهي. پرڏيهي ??زير جي هدايت تي پاڪستاني سفارتخاني جا عملدار ڦاٿل پاڪستانين سان مسلسل رابطي ۾ آهن. بلاول ڀٽو زرداري لاڳاپيل عملدارن کي سوڊان مان پاڪستانين جي انخلا جي عمل کي فوري طور تي محفوظ طور تي سرانجام ڏيڻ جي هدايت ڪئي آهي. پرڏيهي ??زير پاڪستانين جي محفوظ انخلا کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پرڏيهي ??زارت ۾ ڪرائيسز مئنيجمينٽ سيل کي متحرڪ ڪري ڇڏيو آهي. بلاول ڀٽو زرداري کي سوڊان ۾ ڦاٿل پاڪستانين جي حفاظت سان واپسي بابت پرڏيهي ??زارت جي عملدارن پاران روزانو بريفنگ ڏني پئي وڃي. پرڏيهي ??زير سوڊان مان پاڪستانين جي انخلا کي ممڪن بڻائڻ جي آپريشن ۾ حصو وٺندڙن کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. گهرو ويڙه?? جي شڪار سوڊان ۾ سوين پاڪستانين جي انخلا جي معاملي تي پرڏيهي ??زير بلاول ڀٽو زرداري عيد جي ڏينهن ۾ متحرڪ رهيو. بلاول ڀٽو زرداري سوڊان مان پاڪستانين جي حفاظت سان انخلا جي حوالي سان سعودي عرب ۾ پنهنجي هم منصب سان پڻ رابطي ۾ رهيو. پرڏيهي آفيس موجب پرڏيهي ??زير سوڊان مان پاڪستانين جي حفاظت سان انخلا جي حوالي سان مدد تي ترڪيه ۽ مصر جي حڪومتن جا پڻ ٿورا مڃيا.