اسلام آباد – 28 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان جي ترقي بلوچستان جي ترقي سان مشروط آ??ي، باصلاحيت بلوچ نوجوان ملڪ جو قيمتي اثاثو آهن جن جي ترقي حڪومت جي اولين ترجيح ??هي. اهڙن خيالن ??و اظهار هن بلوچستان نيشنل پارٽي جي سربراهه سردار اختر مينگل سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن وزيراعظم هائوس ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ سردار اختر مينگل وزيراعظم کي بلوچستان جي عوام ۽ چونڊيل نمائندن پاران وزيراعظم جي ملڪي بقاءَ ۽ ب??وچستان جي ترقي لاءِ قدمن تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي ترقي بلوچستان جي ترقي سان مشروط آ??ي، باصلاحيت بلوچ نوجوان پاڪستان جو قيمتي اثاثو آهن جن جي ترقي حڪومت جي اولين ترجيح ??هي، گوادر بندرگاهه جي ترقي سان گڏوگڏ گوادر جي مقامي ماڻهن کي عالمي معيار جي شهري سهولتن جي لاءِ ڏينهن رات ڪوششون ??ري رهيا آهيون. سردار اختر مينگل چيو ته پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو وزيراعظم شهباز شريف بلوچستان جي نوجوانن جي ترقي ۽ خوشحالي کي پنهنجي اولين ترجيح ??ڻايو، ٻوڏ دوران وزيراعظم بلوچستان جي علائقن جو پاڻ دورو ??ري متاثر بلوچن جو درد ونڊيو جيڪو اڄ کان اڳ ڪڏهن به ناهي ٿيو. هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف گذريل هڪ سال ۾ ملڪ ۾ شديد معاشي مشڪلاتن ۽ قدرتي آفتن جي باوجود ملڪي معيشت کي مستحڪم ڪيو.