اسلام آباد – 01 – مئي (اي پي پي) حڪومت پاران مهانگائي کان متاثر عوام کي ريليف ڏيڻ جي ل??ءِ رمضان پئڪيج تحت پنجاب، خي??رپختونخواهه ۽ وفاقي گادي واري شهر جي 2 ڪروڙ 30 لک کان وڌيڪ خاندانن مفت اٽو اسڪيم مان فا??دو کنيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف رمضان جي مقدس مهيني کان ڪجهه هفتا اڳ اع??ان ڪيو هو ته حڪومت پنجاب جي 18.5 ملين خاندانن ۽ وفاقي گادي واري شهر جي 185000 خاندانن ۾ مفت اٽو ورهائيندي. ان اسڪيم جي شروعات کان اڳ وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن سان لاڳيتو ملاقاتون ڪيون ته جيئن روزن جي مهيني ۾ مستحق ماڻهن ۾ اٽي جي ورڇ کي يقيني بڻائي سگهجي. وزيراعظم جي هدايت موجب لاڳاپيل عملدارن مستحقين جي سهولت ل??ءِ جامع انتظام ڪيا. انتظارگاهن کانسو??ءِ ماڻهن جي اهليت ۽ ورڇ جي عمل جي حوالي سان رهنمائي جي ل??ءِ خصوصي معلوماتي ڊيسڪ پڻ قائم ڪيون ويون هيون. 25 شعبان کان شروع ٿيندڙ اها اسڪيم مقدس مهيني جي آخري هفتي تائين جا??ي رهي. پنجاب ۾ اٽي جي ورڇ 8500 يوٽيلٽي اسٽورز سان گڏوگڏ سڄي صوبي ۾ قائم 20000 اٽي جي ڊسٽري بيوشن پوائنٽس جي ذريعي ڪئي وئي. پنجاب حڪومت جي انگن اکرن موجب سڄي پنجاب ۾ اٽڪل 43.93 ملين اٽي جا ٿيلها ورهايا ويا جنهن سان 17.69 ملين خاندانن کي فا??دو پهتو. پنجاب ۾ مفت اٽي جي ورڇ رڳو صوبي جي رهواسين تائين محدود نه هئي پر پنجاب ۾ رهندڙ خي??رپختونخواهه، آزاد ڪشمير، گلگت بلتستان جي ماڻهن کي به اها سهولت فراهم ڪئي وئي هئي. اهڙي طرح خي??رپختونخواهه جي اٽڪل 5.23 ملين خاندانن حڪومت جي فلاحي اسڪيم مان فا??دو کنيو جيڪو مقرر هدف جي 90 سيڪڙو کان وڌيڪ حاصل ڪري چڪا آهن. وزيراعظم شفافيت کي يقيني بڻائڻ ۽ مستحقين جي مناسب سهولت ل??ءِ راولپنڊي، سرگوڌا، بهاولپور، لاهور، قصور، ڊيره غازي خان ۽ مظفر ڳڙهه سميت سڄي صوبي ۾ اٽي جي ورڇ جي جاين جا اڻ اعلانيل دورا به ڪيا. ان موقعي تي هن ماڻهن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي، انهن جا مسئلا ٻڌا ۽ انهن جي فوري ازالي جي هدايت ڪئي. هن اٽي جا ٿيلها حوالي ڪرڻ کان اڳ مستحقين جي تفصيلن جي تصديق جي عمل جو ڀرپور جا??زو ورتو ۽ هدايت ڪئي ته رمضان المبارڪ دوران ڪنهن شهري کي ڪنهن به قسم جي پريشاني کي منهن نه ڏيڻو پوي. اٽي جي ورڇ جي هڪ مرڪز جي دوري دوران هن چيو ته بزرگن ۽ معذور ماڻهن جي سهولت تي خاص ڌيان ڏيڻ گهرجي، عورتن، خاص طور تي پنهنجي ٻارن سان گڏ ايندڙن جي سهولت ل??ءِ خصوصي انتظام ڪيا وڃن. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏيندو رهيو ته ان کي رڳو هڪ سرڪاري فرض نه سمجهو پر رمضان المبارڪ دوران الله تعاليٰ جي خوشنودي حاصل ڪرڻ جي ل??ءِ انسانيت جي خدمت طور ڪم ڪريو. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته 75 سالن ۾ پهريون ڀيرو مفت اٽو ورهايو پيو وڃي جيئن ته ماضي ۾ سبسڊي تي اٽو فراهم ڪيو ويندو هو. اطلاعات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ چيو ته رمضان ۾ پنجاب، خي??رپختونخواهه، سنڌ ۽ اسلام آباد ۾ ڪروڙين غريبن کي هن مهانگائي ۾ پوري شفافيت ۽ ايمانداري سان مفت اٽو فراهم ٿيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم شهباز شريف پاڻ ان عمل جي نگراني ڪئي، شهرن جا دورا ڪري جا??زو ورتو. وزيراعظم چيو ته تاريخي اسڪيم جي ڪاميابي ۾ انتظامي آفيسرن ۽ عملي ڏينهن رات محنت ڪئي جيڪا ساراهه جوڳي آهي. ياد رهي ته حڪومت ان سلسلي ۾ هڪ جامع آگاهي مهم پڻ هلائي هئي جنهن ۾ ماڻهن کي چيو ويو هو ته اهي پنهنجي سڃاڻپ ڪارڊ نمبر تي ٻڌل هڪ ايس ايم ايس موڪلي مفت اٽي جي ل??ءِ پنهنجي اهليت کي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي 8717 هيلپ لائين تي موڪلين ڇو ته ڊيٽا بي آءِ ايس پي سان ڳنڍيل آهي. معيار موجب بي آءِ ايس پي سان رجسٽرڊ ۽ 60 يا ان کان گهٽ جا ”پاورٽي اسڪور“ رکندڙ غريب خاندان ان سهولت مان فا??دو کڻڻ جا اهل هئا. رجسٽرڊ خاندان هڪ مهيني ۾ 30 ڪلو اٽو حاصل ڪرڻ جا حقدار هئا. ڪنهن به شڪايت جي صورت ۾ ماڻهن کي ٽول فري هيلپ لائين 05590 – 0800 تي رابطو ڪرڻ جو پڻ مشورو ڏنو ويو جڏهن ته وڌندڙ طلب کي نظر ۾ رکندي وزيراعظم بعد ۾ اع??ان ڪيو ته بي آءِ ايس پي جي ڊيٽا سان رجسٽرڊ نه ٿيندڙ ماڻهو به ورڇ وارين جاين تي مخصوص ڊيسڪ جي ذريعي اسڪيم مان فا??دو کڻڻ جا اهل هوندا. ان قدم کي ملڪ جي تاريخ جي سڀ کان وڏي پئڪيج طور تي ساراهيو ويو جنهن جو ثبوت اٽي جا ٽي ٿيلها ملڻ تي ان اسڪيم مان فا??دو کڻندڙن جي چهرن تي مسڪراهٽ مان به ظاهر هو.