اسلام آباد – 01 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي معاملن و??ري مملڪتي وزير حنا رباني قطر جي گادي واري شهر دوحه ۾ گڏيل قومن ج?? ا??ت??ام هيٺ افغانستان بابت منعقد ٿيندڙ خصوص?? ا??لچين جي ٻن ڏينهن و??ري اجلاس ۾ شرڪت ڪري رهي آهي، هوءَ اجلاس ۾ شرڪت کانسواءِ ٻين ملڪن جي اڳواڻن سان ٻطرفيون ملاقاتون پڻ ڪندي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوٽريس جي سربراهي ۾ ٿيندڙ ان اجلاس ۾ علائقائي ۽ عالمي ملڪ افغانستان جي موجوده صورتحال کي تعميري ڳالهه ٻولهه جي ڏس ۾ بحث هيٺ آڻيندا. پرڏيهي معاملن و??ري مملڪتي وزير افغانستان جي حوالي سان پاڪستان جو موقف پيش ڪندي ۽ عالمي ۽ علائقائي حصيدارن سان اڳتي وڌڻ جي رستي جي حوالي سان اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ بابت ڪم ڪندي. ترجمان چيو ته پاڪستان هڪ پرامن، مستحڪم، خودمختيار۽ خوشحال افغانستان جي گڏيل مقصدن کي اڳتي وڌائڻ جي ل??ءِ سمورين ڪوششن جي حمايت جاري رکندو.