بغداد – 07 – جون (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان ڪربلا جي گورنر نصيف جاسم الخطابي عراق جي سرڪاري دوري جي موقعي تي ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ملاقات ?? گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ پاڪستان ۽ عراق جي وچ ۾ لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ?? پاڪستاني زائرين جي لاءِ عراق ۾ سهولتن تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. پرڏيهي وزير ملاقات دوران ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته پاڪستاني زائرين جي لاءِ عراق ۾ سهولت مرڪز قائم ڪري رهيا آهيون. بلاول ڀٽو زرداري اربعين ۽ عاشور جي ڏينهن ۾ پاڪستاني ڊاڪٽرز ۽ پيراميڊيڪس عراق موڪلڻ جي آڇ پڻ ڪئي.