اسلام آباد- 08 جون (اي پي پي) پاڪستان بيت المال کي مالي سال 2023ع دوران 6 ارب 4 ڪروڙ رپ??ا مختلف منصوبن لاءِ فراهم ڪيا ويا. جاري ڪيل اقتصادي سروي مطابق انفرادي مالياتي معاونت جي پروگرام لاءِ هڪ ارب 27 ڪروڙ رپ??ا، ايس آڙ سي ايل پروگرام تحت 76 ڪروڙ 42 لک رپ??ا 5 کان 6 سالن جي چائلڊ ليب?? جي اسڪولن ۾ بحاليءَ لاءِ ورهايا ويا. عورتن کي بااختيار بنائڻ جي مرڪزن ۾ 44 ڪروڙ 11 لک 80 هزار رپ??ا، جڏهن ته پاڪستان سوئيٽ هومز ۾ 51 ڪروڙ 70 لک رپ??ا خرچ ڪيا ويا. پاڪستان بيت المال اولڊ هوم ۾ 54 لک 80 هزار رپ??ا استعمال ڪيا ويا. پاڪستان بيت المال شيلٽر هوم ۾ 12 ڪروڙ 22 لک 80 هزار رپ??ا جڏهن ته ماني سڀني لاءِ پروگرام ۾ 3 ڪروڙ 19 لک 50 هزار رپ??ا استعمال ڪيا ويا آهن.