اسلام آباد – 03 –جولاءِ (اي پي پي) صد?? ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته بنگلاديش جي صد?? شهاب الدين سان مڪه، منيٰ ۽ مديني ۾ سٺيون ملاقاتون ٿيون. اها ڳالهه هن هڪ ٽوئيٽ ۾ چئي. صد?? ان مو??عي تي سماجي رابطن واري ويب سائيٽ تي هڪ تصوير شيئر ڪندي چيو ته روضه رسول ﷺ وٽ اڇي رنگ جي لباس ۾ منهنجو ننڍپڻ جو دوست سلمان رحمان آهي جيڪو هاڻي بنگلاديش ۾ پارليامينٽ جو ميمبر، وزير ۽ صلاحڪار آه??، اسان جي ملاقات 60 سالن کانپوءِ ٿي آهي. هن چيو ته الله جون نعمتون اسان جي لاڳاپن لاءِ حيرت انگيز ڪم ڪنديون.