اسلام آباد – 13 – جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان چيو آه?? ته هو ڪشميرين کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن موجب انهن جي حل طلب ??ود??ختياري جو حق حاصل ڪرڻ تائين ڀارتي ڏاڍ جي خلاف انهن جي منصفاڻي جدوجهد ۾ حمايت جاري رکندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته گذريل 7 ڏهاڪن کان جار?? ڀارتي ڏاڍ ڪشميري عوام جي خواهش کي ٽوڙڻ ۾ ناڪام رهيو آهي جيڪي پنهنجي ??ود??ختياري جي حق لاءِ جدوجهد جاري رکيو اچن. هن چيو ته پاڪستاني قوم اڄ 92 هون شهداءِ ڪشمير ڏهاڙو انهن 22 ڪشميرين جي شهادت جي ياد ۾ ملهائي رهي آهي جن 1931ع ۾ ڊوگره فوج جي وحشياڻي ۽ انڌاڌنڌ فائرنگ جو مقابلو ڪندي پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪيا. ترجمان چيو ته اسان انهن شهيدن کي سلام پيش ڪريون ٿا جن بهادري سان ڪشميرين جي ??ود??ختياري جي حق لاءِ هڪ دليراڻو جدوجهد جي شروعات ڪئي ۽ آزادي جي اها تحريڪ اڄ تائين جاري آهي. هن چيو ته ڊوگره فوج وانگر گذريل 70 سالن دوران ڀارتي قابض فوج هزارين ڪشميرين کي رڳو پنهنجي حقن جي مطالبي تي شهيد ڪيو آه?? ته ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ 5 آگسٽ 2019ع کان هيستائين ڀارتي قابض فوج جي هٿان 780 کان وڌيڪ ڪشميرين کي شهيد ڪيو ويو آهي. هن چيو ته گذريل 7 ڏهاڪن کان جار?? ڀارتي ڏاڍ ڪشميري عوام جي خواهش کي ٽوڙڻ ۾ ناڪام رهيو آهي جيڪي ??ود??ختياري جي حق جي لاءِ جدوجهد جاري رکيو اچن. هن ان ??زم جو ٻيهر ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان پنهنجي ڪشمير?? ڀائرن ۽ ڀينرن کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن موجب انهن جي تسليم ٿيل ??ود??ختياري جو حق حاصل ڪرڻ تائين ڀارتي ڏاڍ جي خلاف انهن جي منصفاڻي جدوجهد ۾ حمايت جاري رکندو.