اسلام آباد – 25 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڊيره اسماعيل خان ۾ 8 ترقياتي من??وبن جو افتتاح ۽ پيڙهه جو پٿر رکي ڇڏيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف هڪ ڏينهن جي دوري تي ڊيره اسماعيل خان پهتو جتي هن مختلف ترقياتي من??وبن جو افتتاح ڪيو ۽ پيڙهه جو پٿر رکيو. ان موقعي تي پي ڊي ايم جي سربراهه مولانا فضل الرحمان، مواصلات واري وفاقي و??ير اسعد محمود، توانائي واري وفاقي و??ير انجنيئر خرم دستگير، پيٽروليم واري مملڪتي و??ير مصدق کانسواءِ علائقي جي معززين ۽ اڳواڻن جو وڏو انگ موجود هو. وزيراعظم جن 8 وڏن ترقياتي من??وبن جو افتتاح ڪيو ۽ پيڙهه جو پٿر رکيو، ??نه?? ۾ يارڪ کان پهاڙپور روڊ، بنون چوڪ کان موٽروي روڊ، ڊيره اسماعيل خان باءِ پاس، يارڪ کان ٽانڪ سميت مختلف راب??ا روڊن، 2020 ڪي وي سب اسٽيشن ۽ تيل ۽ گئس جي فراهمي جا من??وبا شامل آهن.