لاڙڪاڻو – 21 – جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان جي پرڏيهي وزير ۽ پي??لزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري لاڙڪاڻي جي علائقي ڳوٺ وڪيو سانگي پهچي ٻوڏ متاثرين جي لاءِ تعمير ٿي??دڙ گهرن جو جائزو ورتو. بلاول ڀٽو زرداري سان گڏ سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه پڻ هو. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي ٻوڏ متاثرين جي لاءِ سنڌ پي??لز هائوسنگ جي چيف آپريٽنگ آفيسر ملڪ نجف خان پاران بريفنگ ڏني وئي. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي سنڌ رورل سپورٽ آرگنائيزيشن جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ڏتل ڪلهوڙو پڻ تعمير ٿي??دڙ گهرن با??ت بريفنگ ڏني. هن ٻڌايو ته ڳوٺ وڪيو سانگي جي 266 ٻوڏ سبب تباهه ٿي?? گهرن مان 147 گهرن جي تعمير جي شروعات ٿي چڪي آهي، ڳوٺ وڪيو سانگي جي 138 ٻوڏ متاثرين کي گهرن جي تعمير جي لاءِ پهرين ??سط?? 102 کي ٻي جڏهن ته 60 کي ٽئي?? قسط جاري ٿي چڪي آهي. ان موقعي تي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ٻوڏ متاثرين جي لاءِ سنڌ پي??لز هائوسنگ ۽ ايس آر ايس او جي ڪوششن کي ساراهيو.