اسلام آباد – 14 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي يونائيٽيڊ انشورنس ڪمپني کي صارف کي 45 لک رپيا 8 سالن جي منافعي سان گڏ ادا ڪرڻ جو حڪم ڏيندي وفاقي انشورنس محتسب جي فيصلي جي خلاف يونائيٽيڊ انشورنس ڪمپني آف پاڪستان ??رائيويٽ لميٽ??ڊ جي اپيل رد ڪري ڇڏي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان ??وجب صدر فيصلي ۾ چيو ته ڪمپني معاملو 8 سالن تائين لٽڪائي رکيو ۽ شهري جي انشورنس جي رقم تي منافعو ڪمايو، انشورنس ڪمپني شهري کي 45 لک ڪل??م جي رقم سان گڏ 8 سالن جو منافعو پڻ ادا ڪري. تفصيل موجب ڪراچي جي شهري امتياز احمد پنهنجي گاڏي جي لاءِ 45 لک رپين جي انشورنس پاليسي ورتي، شهري گاڏي کسجي وڃڻ تي انشورنس ڪمپني کان 45 لک جي رقم ادا ڪرڻ جو چيو، ڪمپني امتياز احمد پاران گاڏي جي قيمت وڌيڪ ٻڌائڻ جو بهانو بڻائي انشورنس ڪل??م ادا ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. شهري انصاف جي لاءِ وفاقي انشورنس محتسب سان رجوع ڪيو جنهن شهري جي حق ۾ فيصلو ڏنو. انشورنس محتسب جي فيصلي جي خلاف انشورنس ڪمپني صدر کي اپيل ڪئي. صدر انشورنس ڪمپني جي اپيل کي رد ڪندي ڪل??م ادا ڪرڻ جو حڪم ڏنو. صدر چيو ته انشورنس ڪمپني گاڏي جو پريميم شهري کان 45 لک رپين جي حساب سان ??صول ڪيو.