اسلام آباد – 18 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني ڪالهه اربع ڏينهن جده ۾ اسلامي تعاون تنظيم جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي هنگامي وزارتي اجلاس ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران ??اري ب??ان موجب اهو اجلاس پاڪستان ۽ سعودي عرب گڏيل طور تي گهرايو هو جنهن ۾ غزه جي بحران ۽ اتي محصور شهرين جي انساني صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پنهنجي ب??ان ۾ نگران پرڏيهي وزير غزه تي اس??ائيلي جارحيت ۽ غيرانساني ناڪابندي جي شديد مذمت ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ فوتگيون، تباهي ۽ ماڻهو بي گهر ٿي رهيا آهن. هن گذريل ڏينهن غزه جي هڪ اسپتال تي اس??ائيلي حملي ۾ بيگناهه شهرين جي قتلام جي مذمت ڪئي. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته اس??ائيلي قابض فوج عالمي انساني حقن جي قانونن جي واضح خلاف ورزي ڪري رهي آهي ۽ ان ??و طاقت جو انڌاڌنڌ ۽ غيرمتناسب اس??عمال جنگي ڏوهه ۽ انسانيت جي خلاف ڏوهن جي برابر آهي. هن عالمي برادري کان مطالبو ڪيو ته اها اس??ائيل کان ??ن ڏوهه جو پُڇاڻو ڪري. نگران پرڏيهي وزير ان ڳالهه تي زور ڏنو ته اس??ائيل کي فوري طور تي جنگ بندي، غزه جو گهيراءُ ختم ڪرڻ ۽ فلسطينين کي انهنجي گهرن مان ??وري ڪڍڻ واري دهشتگردي جي مهم جو فوري خاتمو ڪرڻ گهرجي. هن غزه ۾ تيز رفتار، محفوظ ۽ غيرمحدود انساني ۽ امدادي سامان ??ي فراهمي جي لاءِ انساني همدرديءَ جي لنگهن جي فوري ضرورت تي پڻ زور ڏنو. نگران پرڏيهي وزير ان ڳالهه تي زور ڏنو ته تازي تڪرار جو بنيادي سبب ٻه رياستي حل تي عملدرآمد نه ٿيڻ آهي. هن فلسطيني عوام ۽ انهن جي خودمختياري جي حق جي لاءِ پاڪستان ??ي يڪجهتي ۽ حم??يت جو ورجاءُ ڪيو. هن جون 1967ع کان ??ڳ جي سرحدن جي ب??ياد تي ۽ القدس الشريف کي ان ??و گادي وارو شهر قرار ڏيندي فلسطين جي هڪ قابل عمل، محفوظ، لڳولڳ ۽ خودمختيار رياست جي جلد قيام تي زور ڏنو. ان موقعي تي نگران پرڏيهي وزير گيمبيا، ايران، ڪويت، سعودي عرب ۽ ترڪيه جي پرڏيهي وزيرن سان پڻ ملاقاتون ڪيون.