ارومچي – 20 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ پنهنجي چين جي دوري دوران چين جي خودمختيار صوبي سنڪيانگ جي گادي واري شهر ارومچي پهتو جتي هن سنڪيانگ يونيورسٽي جو دورو ڪيو. يونيورسٽي پهچڻ تي سنڪيانگ يونيورسٽ?? جي صدر يائو ڪيانگ ۽ اڪيڊميا جي ميمبرن سندس استقبال ڪيو. نگران وزيراعظم اسڪالرز، محققين، تعليمي ماهرن، فيڪلٽي ميمبرن ۽ شاگردن جي هڪ وڏي ميڙ کي خطاب ڪيو. نگران وزيراعظم چيو ته سندس سنڪيانگ جو دورو پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ پائيدار لاڳاپن ۾ سنگ ميل جي عڪاسي ڪري ٿو. هن گڏيل امن، خوشحالي ۽ ترقي ??ي لاءِ پاڪستان ۽ چين جي هر طرح جي وقت ۽ حال??ن ۾ اسٽريٽجڪ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. نگران وزيراعظم چين پاڪستان اقتصادي لنگهه جي حوالي سان سنڪيانگ جي اهميت کي اجاگر ڪندي قديم شاهراهه ريشم جي ذريعي سنڪيانگ سان تاريخي ??ابطن جو ذڪر ڪيو. سنڪيانگ ۽ گلگت بلتستان جي وچ ۾ ثقافتي ۽ تاريخي ??ابطن جي حوالي سان ذڪر ڪندي نگران وزيراعظم بنيادي ڍانچ?? جي ترقي، اقتصادي هم آهنگي، واپار ۽ سيڙپڪاري، زراعت، تعليمي مٽاسٽا، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۽ ٻنهي ملڪن جي عوام جي وچ ۾ رابطن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ سنڪيانگ سان حصيدار?? جي لاءِ پاڪستان جي دلچسپي جو اظهار ڪيو. ٻنهي ملڪن ۽ عوام جي وچ ۾ لاڳاپن کي اڳتي وڌائڻ ۾ شاگردن جي اهم ڪردار کي اجاگر ڪندي نگران وزيراعظم پاڪستان ۽ چين جي نوجوانن مان ان اميد جو اظهار ڪيو ته اهي ايندڙ سالن ۾ ان دوستي ۽ ڀائيچاري کي وڌيڪ مضبوط بڻائيندا. ان کان اڳ نگران وزيراعظم کي يونيورسٽ?? جي هسٽري ميوزيم ۾ 99 سال پراڻي سنڪيانگ يونيورسٽ?? جي تاريخ بابت بريفنگ پڻ ڏني وئي.