ڪراچي – 30 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ مصنوعي ذهانت جي شعبي تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته جدت ۽ اڀرندڙ ٽيڪنالاجيز پاڪستان جي لاءِ ت??قي ۽ خوشحالي جون نيون راهون کولي سگهن ٿيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن نيشنل آئيڊياز بئنڪ جي وفد سان ڳا??هه ٻو??هه ??ند?? ڪيو جنهن حسن سيد جي قيادت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر چيو ته انفارميشن ٽيڪنالاجي سميت ٻين شعبن ۾ جد?? کي فروغ ڏيڻو پوندو. صدر چيو ته غيرروايتي طريقن سان صنعتي عمل ۾ موجود مسئلا حل ڪري فائدو حاصل ڪري سگهجي ٿو، ڊيٽا ۽ ٽيڪنالاجي اسان کي باخبر فيصلا ڪرڻ ۽ صح??ح رخ ۾ تيزي سان اڳتي وڌڻ ۾ مدد ڏئي سگهن ٿا. صدر نيشنل آئيڊياز بئنڪ تي زور ڏنو ته اها صنعتي ۽ ٻين ڌرين سان تعاون وڌائي. هن ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ نيشنل آئيڊياز بئنڪ جي ٻئي مقابلي جي ڪامياب انعقاد تي وفد کي مبارڪباد ڏني. ان موقعي تي آءِ ٽي ۽ مصنوعي ذهانت تي ٻڌل ٽيڪنالاجي ذريعي مقامي مسئلا حل ڪرڻ تي نيشنل آئيڊياز بئنڪ جي ميمبرن کي تعريفي سرٽيفڪيٽ پڻ ڏنا.