اسلام آباد – 21 – نومبر (اي پي پي) نگران پرڏيهي ??زير جليل عباس جيلاني چيو آهي ته انسٽيٽيوٽ آف اسٽريٽجڪ اسٽڊيز جو ڳاڻيٽو دنيا جي بهترين ٿنڪ ٽينڪس ۾ ٿئي ٿو، هي انسٽيٽيوٽ وزارتن جي لاءِ تحقيق ۾ معاونت جي ذ??يواري پڻ ادا ڪري رهيو آهي. سوالن جوابن جي وقفي دوران سينيٽر محسن عزيز، سينيٽر زرقه سهروردي ۽ ٻين سينيٽرز جي سوالن جي جواب ۾ نگران پرڏيهي ??زير جليل عباس جيلاني چيو ته انسٽيٽيوٽ آف اسٽريٽجڪ اسٽڊيز اسان جي ٿنڪ ٽينڪ آهي، ڊائريڪٽر جنرل ان جو سربراهه آهي، ان جا مختلف سينٽرز ٺاهيا ويا آهن، ان جي سينٽرز ۾ ايشيا پيسفڪ ۽ چائنا سينٽرز آهن، هي ??ه رڳو سيمينارز م??عقد ڪرائي ٿو جن جي ذريعي اسڪالرز ۽ عالمي ماهرن جو هڪ ٻئي سان رابطو رهي ??و، دنيا جي ٿنڪ ٽينڪس سان پڻ ان جا رابطا آهن ۽ هي اسان جي وزارتن جي لاءِ پڻ ريسرچ ۾ معاونت ڪري ٿو. هن چيو ته دنيا ۾ هزارين ٿنڪ ٽينڪس آهن جن ۾ پاڪستان جي انسٽيٽيوٽ آف اسٽريٽجڪ اسٽڊيز جو نمبر 80 هون آهي. نگران پرڏيهي ??زير چيو ته انسٽيٽيوٽ آف اسٽريٽجڪ اسٽڊيز کي هدايت آهي ته هو پارليامينٽ ميمبرن کي پڻ پنهنجي سيمينارز ۾ گهرائي باقي ٿنڪ ٽينڪس کي پڻ ان حوالي سان هدايت ڪئي ويندي.