اسلام آباد – 15 – ڊسمبر (اي پي پي) سپريم ڪورٽ رٽرننگ آفيسرن ۽ ڊسٽرڪٽ رٽرننگ آفيسرن بابت لاهور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو معطل ڪري ڇڏيو، ??لي??شن ڪميشن کي اڄ ئي چونڊ شيڊيول جاري ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. عدالت تحريڪ انصاف سان تعلق رکندڙ درخواستگذار عمير نيازي کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو. ??لي??شن ڪميشن لاهور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو. لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏيڻ جي درخواست ڪئي وئي، ??لي??شن ڪميشن درخواست ڪئي ته سپريم ڪورٽ 8 فيبروري تي چونڊون ڪرائڻ جي فيصلي تي عملدرآمد ڪرائي. چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ۽ سينيئر ججز سان چيف ??لي??شن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي ملاقات کانپپوءِ ??لي??شن ڪميشن پا??ان لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جي خلاف اپيل داخل ڪئي وئي.ڪالهه جمعي ڏينهن چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ 3 رڪني بئنچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. جسٽس سردار طارق مسعود ۽ جسٽس سيد منصور علي شاهه بئنچ ۾ شامل هئا. عدالتي ڪارروائي سڌوسنئون نشر ڪئي وئي. اپيل تي ٻڌڻي دو??ان ??لي??شن ڪميشن جي وڪيل چيو ته آر او?? ڊي آر او?? بيوروڪريسي مان وٺڻ جو ??لي??شن ڪميشن جو فيصلو لاهور هاءِ ڪورٽ معطل ڪيو، لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي سان چونڊ عمل رڪجي ويو آهي، سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ تحت هاڻي بئنچز جوڙيون وڃن ٿيون، منهنجي خواهش هئي ته موسٽ سينيئر ججز بئنچ ۾ شامل هجن. چيف جسٽس چيو ته جسٽس اعجازالاحسن مصروفيتن جي ڪري نه اچي سگهيو پوءِ اسان جسٽس سيد منصور علي شاهه کي تڪليف ڏني. ??لي??شن ڪميشن جي وڪيل چيو ته ??لي??شن ڪميشن جي رٽرننگ آفيسرن جي لاءِ پهرين ترجيح پنهنجا آفيسر آهن، ڊي آر او?? ۽ آر او?? جي فهرست حڪومت ڏيندي آهي، پي ٽي آءِ چيو آهي ته آئين جي آرٽيڪل 218 ٿري تحت شفاف چونڊون ڪرايون وڃن، چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته سپريم ڪورٽ جي حڪم کي نه مڃڻ مس ڪنڊڪٽ آهي، درخواست آئي لڳي به وئي، منع نامو جاري ڪرڻ وارو جج ئي لارجر بئنچ جو سربراهه بڻجي ويو، سپريم ڪورٽ لاهور هاءِ ڪورٽ جو آر او?? ۽ ڊي آر او?? بابت فيصلو معطل ڪري ڇڏيو. عدالت درخواست ناقابل ٻڌڻي قرار ڏيندي حڪم ڏنو ته ??لي??شن ڪميشن اڄ ئي چونڊ شيڊيول جاري ڪري. سپريم ڪورٽ عمير نيازي کي ??لي??شن ڪميشن جي درخواست تي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو. عدالت ??لي??شن ڪميشن جي اپيل باضابطا ٻڌڻي جي لاءِ منظور ڪري ورتي. عدالت وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کي به نوٽيس جاري ڪندي ٻڌڻي اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.