اسلام آباد – 26 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته ص??افين ۽ ميڊيا ورڪرز سان گڏ بيٺل آهيان، صحافين جي جبري برطرفين جو مسئلو قابل قبول نه آهي، حڪومت جون همدرديون ميڊيا ورڪرز سان گڏ آهن، صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز کي مليل قانوني تحفظ تي عملدرآمد ڪرائڻ اسان جي ذميواري آهي. پارليامينٽ هائوس ۾ سينيٽ جي پريس گيلري مان واڪ آئ??ٽ ڪندڙ صحافين س??ن ڳالهائيندي اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته ص??افين ۽ ميڊيا ورڪرز جي جبري برطرفين جي حوالي سان پيمرا چيئرمين س??ن پڻ ڳالهه ٿي آهي جڏهن ته سينيٽ جي اطلاعات ۽ نشريات باب?? اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس جمعي ڏينهن ٽپهر ٿيندو، ان مسئلي باب?? اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرپرسن س??ن پڻ ڳالهه ڪئي ويندي. هن چيو ته ق??نون تحت جيڪي به ق??م ممڪن ٿيا، اسان کڻنداسين، حڪومت جون همدرديون ميڊيا ورڪرز سان گڏ آهن، ميڊيا ورڪرز ۽ صحافين کي جيڪو قانوني تحفظ حاصل آهي، ان تي عملدرآمد ڪرائڻ اسان جي ذميواري آهي. ان کان اڳ سينيٽ اجلاس دوران صحافين سينيٽ جي پريس گيلري مان مختلف ميڊيا ادارن مان صحافين جي جبري برطرفين جي معاملي تي واڪ آئ??ٽ ڪيو هو.