اسلام آباد – 04 – جنوري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پاڪستان قطر سان واپار ۽ سيڙپڪاري سميت سمورن شعبن ۾ ٻطرفو تعاون وڌائڻ جو خواهشمند آهي، قطر پاران غزه ۾ عارضي جنگبندي جي لاءِ سفارتي ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن، عالمي برادري خاص طور تي مسلمان امت فلسطين ۾ امن جي لاءِ ٺوس قدم کڻي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پار??ن جاري پڌرائي موجب پاڪستان ۾ قطر جي ??فير مبارڪ علي عيسيٰ الخاطر نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان ملاقات ڪئي. نگران وزيراعظم ان موقعي تي چ??و ته پاڪستان ۽ قطر جي وچ ۾ مضبوط ۽ ڀائراڻا لاڳاپا آهن، پاڪستان واپار ۽ سيڙپڪاري سميت سمورن شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي سگهه ڏيڻ جو خواهشمند آهي. نگران وزيراعظم قطر جي ??مير جي لاءِ مبارڪباد وارو پيغام ڏنو. نار خطي جي ??هميت تي زور ڏيندي نگران وزيراعظم چ??و ته خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل قطر سميت نار ملڪن جي ??يڙپڪارن کي پاڪستان ۾ معيشت جي ??هم شعبن ۾ سيڙپڪاري جي موقعن مان فائدو کڻڻ جي لاءِ راغب ڪرڻ جي لاءِ فعال ڪردار ادا ڪري رهي آهي. هن قطري سفير کي چ??و ته هو سياحت ۽ ميڊيا جي ??عبن ۾ تعاون جا امڪان ڳولي. نگران وزيراعظم غزه ۾ عارضي جنگبندي جي لاءِ سفارتي ڪوششن ۾ قطر جي ڪردار کي ساراهيندي چ??و ته فلسطين ۾ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ عالمي برادري خاص طور تي مسلمان امت پاران گڏيل ڪوششن جي ??رورت آهي. نگران وزيراعظم کيس پاڪستان ۾ سفير جون ذميواريون سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏيندي اميد ظاهر ڪئي ته سندس مقرري دوران ٻئي ملڪ دوستي جي ??شتي ۾ وڌيڪ مضبوط ٿيندا.