واشنگٽن- 30 جنوري (اي پي پي)آمريڪا ۾ پاڪستان جي ??فير مسعود خان چيو آهي ته پاڪستان ۾ سياحت کي هٿي ڏيڻ پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ عو??مي را??طن کي هٿي ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو، نيويارڪ ۾ منعقد ٽريول اينڊ ايڊوينچر شو 2024ع دوران پاڪستان ۾ قدرتي حسن، ثقافت ۽ تاريخ رکندڙ پاڪستان پويلين ۾ عالمي برادري کي متاثر ڪيو آهي، ان سان نه رڳو صرف سياحت جي ??نعت پر ملڪ جو بهترين اميج اجاگر ڪرڻ ۾ مدد ملندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن گلگت بلتستان جي منصوبابندي ۽ ترقي واري وزير راجا ناصر علي خان سان واشگنٽن ۾ پاڪستاني سفارتخاني ۾ ملاقات دوران ڪيو. پاڪستاني سفير گلگت بلتستان جي ??ٿابندي واري وزير کي ڪامياب شو منعقد ڪرڻ تي مبارڪون ڏنيون جيڪو ملڪي سياحت جي ??لاحيت کي وڌيڪ اجاگر ڪندو. گلگت بلتستان جي ??ٿابندي واري وزير ملڪي سياحتي صلاحيت کي عالمي پليٽ فارم تي ڪاميابي سان اجاگر ڪرڻ جي ??والي سان نيويارڪ ۾ پاڪستاني قونصليٽ ۽ واشنگٽن ۾ پاڪستاني سفارتخاني طرفان ڀرپور تعاون تي ٿورو مڃيو. هن پاڪستان جي ??ياحت ۾ آمريڪي شهرين جي ??لچسپي تي ڳالهائيندي چيو ته گلگت بلتستان ايندڙ پرڏيهي سياحن ۾ آمريڪي شهري ٻئي نمبر تي آهن، پاڪستاني سفير گلگت بلتستان ۾ تعليم جي ??عبي لاءِ عالمي تعاون خاص طور تي ڊائينامڪ آرٿر جي ڪردار ۽ خدمتن کي اجاگر ڪيو جنهن گلگت بلتستان جي وادي هنزه جي ڳوٺ مرتضيٰ آباد ۾ سينٽر فار ايجوڪيشن ايڪسيلينس جي قيام ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. پاڪستاني سفير تعليم جي ??عبي ۾ آمريڪي حڪومت، سول سوسائٽي، سرندي وارن ماڻهن ۽ پاڪستاني ڄاون آمريڪي شهرين جي ??مايت کي ساراهيندي چيو ته تعليم جي ??عبي ۾ تعاون پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ مضبوط لاڳاپن جو اهم حصو آهي. هن چيو ته پاڪستاني حڪومت نوجوانن کي آمريڪا ۾ تعليم حاصل ڪرڻ جا وڌيڪ موقعا فراهم ڪرڻ، کين پنهنجي ??لاحيتن کي استعمال ۾ آڻڻ ۽ انهن کي معاشري جو هڪ قيمتي اثاثو بڻائڻ جي ??والي سان آمريڪي تعاون کي ساراهي ٿي.