اسلام آباد – 08 – فيبروري (اي پي پي) صدر ??اڪ??ر عارف علوي ڪراچي ۾ پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر ووٽ وجهڻ کانپوءِ ??وش?? ميڊيا ويب سائيٽ ايڪس تي پنهنجو پيغام جاري ڪيو، جنهن ۾ هن چيو ته اسلامي جمهوريه پاڪستان قومي ۽ صوبائي اسيمبلين ۾ نمائندا چونڊڻ جي ل??ءِ توهان جي ووٽ جي ذريعي توهان جي ر??ءِ گهري آهي، ووٽ وجهڻ توهان جي اسلامي، آئيني ۽ شهري ذميواري آهي، آئُون پنهنجي خ??ندان سان گڏ پنهنجي پولنگ اسٽيشن پهتس، لائين ۾ بيٺاسين ۽ ووٽ ڏنو. توهان سڀني کي به درخواست آهي ته ٻاهر نڪرو ۽ پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪريو. اڄ پاڪستان کي توهان جي ر??ءِ جي جيتري ضروري آهي ايتري اڳ ۾ ڪڏهن به نه هئي.