بيجنگ -10مارچ (اي پي پي) چين جي صدر شي جن پنگ پاڪستان جي نئين چونڊيل صدر آصف علي زرداري ج?? نالي تي پنهنجي پيغام ۾ کيس پاڪستان جو صدر چونڊجڻ تي مبارڪون ڏنيون. چيني ميڊيا موجب پنهنجي پيغام ۾ شي جن پنگ چيو ته چين ۽ پاڪستان سٺا پاڙيسري، سٺا دوست، سٺا شراڪتدار ۽ سٺا ڀائر آهن. ٻن??ي ملڪن وچ ۾ لوهي دوستي هڪ تاريخي چونڊ ۽ ٻن??ي عوام جي قيمتي دولت آهي. هن چيو ته هاڻوڪن سالن ۾ ٻن??ي ملڪن اعليٰ سطحي جي ويجهي مٽاسٽا کي برقرا?? رکيو آهي. هڪ ٻئي جي بنيادي مفادن ۽ اهم خدشن بابت معاملن تي هڪ ٻئي جي حمايت ڪئي آهي. چين پاڪستان اقتصادي راهداري جي تعمير ۾ ڀرپور نتيجا حاصل ڪيا آهن. ٻه طرفن لاڳاپن ۾ اعليٰ سطح جي تر??ي کي برقرا?? رکيو آهي. شي جن پنگ چيو ته هن وقت دنيا کي وڏيون تبديليون سامهون آهن ۽ چين پاڪستان لاڳا??ن جي اسٽريٽجڪ اهميت وڌيڪ نمايان ٿي وئي آهي. هن چيو ته هو پاڪ چين لاڳا??ن جي تر??ي کي تمام گهڻي اهميت ڏئي ٿو. هو چين ۽ پاڪستان وچ ۾ روائتي دوستي کي اڳتي وڌائڻ، مختلف شعبن ۾ عملي تعاون کي هٿي ڏيڻ، چين ۽ پاڪستان وچ ۾ سدابهار اسٽريٽجڪ کي ڪو آپريٽو پارٽنرشپ جي تر??ي کي وڌ کان وڌ هٿي ڏيڻ ۽ نئين دور ۾ چين پاڪستان هم نصيب معاشري جي جوڙجڪ کي قيد ڪندي ٻن??ي ملڪن جي عوام کي بهتر فائدا پهچائڻ لاءِ صدر زرداري سان گڏ ڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهي.