اسلام آباد – 20 – مارچ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سان پاڪستان ۾ يمن جي سفير محمد مطهر الاشعبي ملاقا?? ڪئي ۽ کيس عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب ملاقات دو??ان صدر چيو ته پاڪستان ۽ يمن جي وچ ۾ مذهب، ث??افت ۽ قدرن جي گڏيل رشتن تي ٻڌل بهترين ٻطرفا لاڳاپا آهن. هن گڏيل فائديمند تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. صدر مبارڪباد ڏيڻ تي يمن جي سفير جا ٿورا مڃيا.