اسلام آباد– 04 – اپريل (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ شام ۾ ايراني قو??صلخاني تي تازي حملي جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي ته خطي ۾ اسرائيل جي ”مهم جوئي“ ناقابل قبول آهي، غزه ۾ اسرائيل جي ظلمن ۽ اڳ کان غيرمستحڪم خطي ۾ غيرذميواراڻي حملي تي ان کي جوابده ٿيڻ گهرجي. هفتيوار پريس بريفنگ ۾ ترجمان چيو ته هن هفتي شام جي شهر دمشق ۾ ايراني سفارتخاني جي قو??صلر سيڪشن تي غيرذميواراڻي حملي سان خطي ۾ اسرائيل جي مهم جوئي هڪ نئين سطح تي پهچي وئي آهي، اهو حملو گڏيل قو??ن جي چارٽر، عالمي قانون ۽ ڪنوينشنز جي خلاف ورزي آهي. هن چيو ته گذريل 6 مهينن دوران عالمي ا??سا??ي قانون جي منظم خلاف ورزين ۾ ملوث رهيا آهن، ا??سا??ي بحران جو شڪار ماڻهن جي لاءِ خوراڪ آڻيندڙ ا??سا??ي امدادي قافلي کي ڄاڻي واڻي نشانو بڻائڻ عالمي ا??سا??ي قانون جي سنگين خلاف ورزي آهي. غزه ۾ ا??سا??ي امدادي قافلن تي اسرائيلي حملن جي مذمت ڪندي هن انصاف جي عالمي عدالت جي عارضي حڪمن تي ”فوري، مڪمل ۽ موثر“ عملدرآمد ۽ اسرائيل جي ڏوهن تي عالمي احتساب جو مطالبو ڪيو. ترجمان چيو ته اسان 25 مارچ تي منظور ڪيل گڏيل قو??ن جي سلامتي ڪائونسل جي قرارداد 2728 تي مڪمل ۽ تيزي سان عملدرآمد جي لاءِ پنهنجي مطالبي جو ورجاءُ ڪريون ٿا جنهن جي نتيجي ۾ هڪ مستقل جنگبندي، ا??سا??ي امداد جي فراهمي ۾ ايندڙ سمورين رڪاوٽن کي ختم ڪيو وڃي ۽ شهرين جي تحفظ کي يقيني بڻايو وڃي. هن ايران جي ڏکڻ اوڀر صوبي سيستان ۽ بلوچستان جي شهر راسڪ ۽ چابهار ۾ خميس ڏينهن ??هش??گرد حملي جي پڻ مذمت ڪئي ۽ ايران جي حڪومت ۽ عوام سان پاڪستان جي يڪجهتي جو اظهار ڪيو. هن چيو ته پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام ايراني صدر ابراهيم رئيسي جي دوري جا منتظر آهيون. بشام ۾ ٿيندڙ ??هش??گرد حملي تي ڳالهائيندي ترجمان چيو ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ان واقعي جي جاچ ڪري رهيا آهن ۽ ??هش??گردي جي خلاف جنگ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن چيو ته ??هش??گردي جي حملي کانپوءِ چيني فرمن پاران منصوبن تي ڪم عارضي طور تي روڪيو ويو هو پر سيڪيورٽي آڊٽ کانپوءِ ڪم ٻيهر شروع ڪيو ويو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان ٽي ٽي پي سان ڪا ڳالهه ٻولهه نه ڪندو ۽ افغان عبوري حڪومت مان اميد آهي ته هو پاڪستان جي اندر ??هش??گردي جي سرگرمين ۾ ملوث عسڪريت پسند گروپن يا قوتن جي خلاف ڪارروائي ڪندي. پاڪستان مان غيرقانوني غيرملڪي شهرين جي واپسي بابت ترجمان چيو ته اها پاليس?? افغانين جي لاءِ مخصوص نه آهي پر ان ۾ پاڪستان ۾ غيرقانوني طور تي رهندڙ سمورن غيرملڪي شهرين جي انهن جي وطن واپسي شامل آهي. هن چيو ته غيرملڪين جي هڪ محدود انگ کي ملڪ بدر ڪيو ويو ڇو ته اڪثريت رضاڪاراڻي طور تي واپس وئي آهي. هن چيو ته پاڪستان جي ون ويزا پاليسي ۾ ڪا تبديلي ناهي ٿي ڇو ته پاڪستان ايندڙ سمورن غيرملڪين وٽ درست پاسپورٽ ۽ ويزا هجڻ گهرجي. هن ميڊيا کي ٻڌايو ته نيشنل سيڪيورٽي ڊويزن جي سيڪريٽري وقار احمد شنگهائي تعاون تنظيم جي سيڪيورٽي ڪائونسل جي سيڪريٽريز جي 19 هين اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ آستانه، قازقستان جو دورو ڪيو جنهن ۾ اسٽريٽجڪ سيڪيورٽي معاملن تي ڌيان ڏنو ويو. پنهنجي بيان ۾ سيڪريٽري خطي ۾ ??هش??گردي جي ڪاررواين جي ڏورس اثرن بابت خبردار ڪيو ۽ ??هش??گردي جي بنيادي سببن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ هڪ ٺوس حڪمت عملي تي زور ڏنو. ترجمان ميڊيا کي ٻڌايو ته گڏيل قو??ن ۾ پاڪستان جي نائب مستقل نمائندي عثمان جدون کي 2024ع جي لاءِ گڏيل قو??ن جي هٿيارن جي خاتمي واري ڪميشن جو چيئرمين چونڊيو ويو. هن اميد ظاهر ڪئي ته پنهنجي صدارت دوران سفير جدون گهڻ رخي مڪالمي ۽ تعاون جي اصولن کي برقرار رکندو ۽ گڏيل قو??ن جي هٿيارن جي خاتمي واري ڪميشن جي مينڊيٽ کي فروغ ڏيندو ته جيئن هٿيارن جي خاتمي جي شعبي ۾ مختلف مسئلن تي غور ۽ سفارشون پيش ڪيون وڃن. ڀارتي غيرقانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي صورتحال تي روشني وجهندي ترجمان چيو ته ڀارتي قابض عملدار هڪ ڀيرو ٻيهر سرينگر جي عيدگاهه ۾ عيدالفطر جي نماز ادا ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ کان انڪار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هن چيو ته سرينگر جي تاريخي جامع مسجد جي خطيب ۽ سينيئر ڪشميري اڳواڻ مير واعظ عمر فاروق کي سندس ابن ڏاڏن جي ياد ۾ منعقد تقريب ۾ شرڪت کان روڪڻ جي لاءِ گهر ۾ نظربند ڪيو ويو آهي. اسان ڀارتي عملدارن تي زور ڏيون ٿا ته اهي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي ماڻهن جي پرامن ميڙ ۽ مذهبي آزادي جي حق جو احترام ڪن، پاڪستان گڏيل قو??ن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڪشمير مسئلي جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو.