اسلام آباد – 26 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪاربن ڪريڊٽس پاليسي رهنما اصولن جي حوالي سان هتمي پاليسي سازي تي صو??ن سان مشاورت جي لاءِ ڪميٽي جوڙڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته پاڪستان موسمياتي تب??يلين جي هاڃيڪار اثرن کان متاثر ٿيندڙ ملڪن ۾ سرفهرست آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ موسمياتي تب????لي بابت پاڪستان ڪائونسل جو ٽيون اجلاس ٿيو. اجلاس ?? وزيرن اسحاق ڊار، احد خان چيما، محمد اورنگزيب، سردار اويس خان لغاري، وزيراعظم جي موسمياتي تب????لي بابت ڪوآرڊينيٽر رومينه خورشيد عالم، لاڳاپيل اعليٰ عملدارن ۽ سرڪاري ۽ نجي شعبي جي ماهرن شرڪت ڪئي. اجلاس ??آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي وزيراعظم، گلگت بلتستان جي وڏي وزير ۽ چئني صو??ن جي وڏن وزيرن پڻ وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي. وزيراعظم چيو ته 2022ع جي برساتن ۽ ان جي نتيجي ۾ ٻوڏ سان ملڪ بري طرح متاثر ٿيو، خادم پاڪستان جي ناطي ٻوڏ جي متاثرين جي مدد ۽ بحالي سان گڏوگڏ سڄي دنيا ۾ موسمياتي تب????لي جي حوالي سان پاڪستان جو ڪيس وڙهيو، احسن اقبال ۽ شيري رحمان سان گڏوگڏ سمورن لاڳاپيل ادارن ۽ وزارتن گڏجي پاڪستان کي ان مشڪل وقت مان ڪڍڻ ۽ پاڪستان ۾ موسمياتي تب????لي جي حوالي سان انفراسٽرڪچر ٺاهڻ جي لاءِ اهم قدم کنيا. هن چيو ته دوست ملڪن، عالمي برادري خاص طور تي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل موسمياتي تب????لي کان متاثر پاڪستانين جي پڪار تي لبيڪ چيو جنهن جي لاءِ مون سميت پوري قوم سندس ٿورائتي آهي. وزيراعظم چيو ته صو??ائي حڪومتن ۽ وفاق کي گڏجي موسمياتي تب????لي جي حوالي سان پاليسي سازي ڪرڻي آهي، موسمياتي تب????لي جي حوالي سان اسان جي چئلينجز ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿيندو پيو وڃي. وزيراعظم چيو ته سڄي ملڪ ۾ ڪاربن ڪريڊٽس جي حوالي سان قدمن ۾ بهتري آئي آهي جن کي وڌيڪ تيز ۽ موثر ڪرڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم ڪاربن ڪريڊٽس جي حوالي سان پاليسي رهنما اصولن جي حوالي سان حتمي پاليسي سازي تي صو??ن سان مشاورت جي لاءِ هڪ ڪميٽي جوڙڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته موسمياتي تب????لي بابت سمورن معاملن تي صو??ن جي مشاورت کانسواءِ ڪنهن به قسم جي پاليسي سازي جو سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي. اجلاس ?? پاليسي گائيڊ لائينز فار ٽريڊنگ ان ڪاربن ڪريڊٽس جي حوالي سان تفص??لي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم صو??ن سان مشاورت کانپوءِ ڪائونسل جي ايندڙ اجلاس ?? مسودو پيش ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. اجلاس ?? چئني صو??ن جي وڏين وزيرن پاليسي سازي جي حوالي سان پنهنجي پنهنجي صو??ي جي موقف کان آگاهه ڪيو ۽ تجويزون پيش ڪيون. وزيراعظم موسمياتي تب????لي واري وزارت کي ان اهم پاليسي مسودي جي لاءِ صو??ن ۽ سمورين ڌرين کي مڪمل طور تي اعتماد ۾ وٺڻ جي هدايت ڪئي.